داعش سربراهه البغدادي جو پٽ آپگهاتي حملي ۾ مارجي ويو

0Shares

دمشق (ويب ڊيسڪ) شدت پسند تنظيم داعش دعويٰ ڪئي آهي ته ان جي سربراهه ابوبڪر الغدادي جو پٽ شام جي شهر حمص ۾ هڪ آپگهاتي حملي ۾ مارجي ويو آهي. داعش جي هڪ خابرو اداري ”النشير نيوز“ انٽرنيٽ تي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ابوبڪر البغدادي جو پٽ حذيفا البدري حمص ۾ مقرر روسي ۽ شامي فوج ڪارروائي ۾ پنهنجي حياتي ڏني. بيان ۾ چيو ويو آهي ته خليفا (حفظ الله) جي پٽ حذيفا البدري حمص جي هڪ بجلي گهر تي نصيرين ۽ روسين خلاف آپگهاتي حملي دوران شهادت ماڻي، داعش شام جي حڪمرانن لاءِ نصيري جو لقب استعمال ڪندي آهي. داعش جي خابرو اداري حذيفا البدري جي هڪ تصوير به جاري ڪئي آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں