راولپنڊي (م ڊ) پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل آصف غفور چيو آهي ته خاص عدالت طرفان اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي خلاف سنگين غداري ڪيس جي اڄ سامهون آيل تفصيلي فيصلي اسان جي خدشن کي درست ثابت ڪري ڇڏيو. پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته 17 ڊسمبر جي مختصر فيصلي تي جن خدشن جو اظهار ڪيو ويو هو اُهو اڄ تفصيلي فيصلي ۾ ثابت ٿي ويو آهي. هن چيو ته اڄ جو فيصلو ڪنهن به تهذيب ۽ اقدار کان مٿانهون آهي ۽ ڪجهه ماڻهون ويڙهائڻ چاهين ٿا. هن چيو ته پاڪستان جي فوج هڪ منظم ادارو آهي، اسان ملڪي سلامتي کي قائم رکڻ ۽ ان جو دفاع ڪرڻ جي لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪرڻ جو حلف کنيو آهي ۽ ائين اسان گذريل 20 سال ۾ عملي طور تي ڪري ڏيکاريو آهي جيڪو ڪم دنيا جو ڪو به ملڪ، ڪا به فوج ناهي ڪري سگهي اُهو پاڪستان ۽ پاڪستان جي فوج پنهنجي عوام جي سهڪار سان حاصل ڪيو. پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته اسان اڄ هائبرڊ وار کي منهن ڏئي رهيا آهيون ته اسان کي ان تبديل ٿيندڙ جنگ جو ڀرپور احساس آهي ان ۾ دشمن، ان جي سهولتڪار ۽ مددگار جو ڪهڙو طريقو ٿي سگهي ٿو. هن ٻڌايو ته پوري طرح اندرين ۽ ٻاهرين خطرن جو اندازو آهي ۽ اندرين ۽ ٻاهرين دشمنن کي ناڪام بڻائينداسين. پنهنجي مختصر پريس ڪانفرنس ۾ ميجر جنرل آصف غفور چيو ته جتي دشمن اسان کي اندرين طور تي ڪمزور ڪندا رهيا هاڻ ان سان گڏوگڏ ٻاهرين خطرن طرفان به آواز اچي رهيا آهن. هن چيو ته ڀارتي آرمي چيف جو بيان آيو ته ان جي لائن آف ڪنٽرول تي ڪهڙيون ڪوششون آهن، ملڪي سلامتي جو هڪ اهم ادارو هوندي اسان کي اندازو آهي ته ڪهڙي طرح سان پاڪستان کي اندرين طور تي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ٿيندي رهي ۽ اڃان به ٿي رهي آهي جنهن جو فائدو کڻندي ٻاهرين خطرن تي ڪيئن عملدرآمد ٿي سگهي ٿو. هن ٻڌايو ته آرمي چيف قمر جاويد باجوه جي وزير اعظم عمران خان سان تفصيلي ڳالهيون ٿيون آهن. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته چند ماڻهون اسان کي شڪست ڏيڻ جا خواب ڏسي رهيا آهن، اسان کي شڪست ڏيڻ جا خواب ڏسندڙ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا، فوج منظم ادارو ۽ هڪ خاندان آهي ملڪ ۽ اداري جو دفاع ڪرڻ ڄاڻون ٿا. پاڪستان اندروني طور ڪمزور ڪرڻ جي سازش ٿي رهي آهي. اسان پنهنجا وڌندڙ قدم پوئتي نه هٽائينداسين. خاص عدالت جي تفصيلي فيصلي ۾ اسان کي چڙ ڏياري وئي آهي، ڪنهن به صورت ۾ انتشار ڦهلجڻ نه ڏنو ويند. فوج ملڪ جي دفاع ۽ استحڪام لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن. عوام فوج تي اعتماد رکي، ڪنهن کي به ڏڦيڙ پکيڙڻ نه ڏينداسين. ملڪي استحڪام ڪمزور ٿيڻ نه ڏنو ويندو. ميجر جنرل آصف غفور چيو ته دشمن ۽ سهولتڪارن جي خبر آهي ملڪ جي ڏيهي ۽ پرڏيهي دشمنن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، پرڏيهي عنصرن هٿان استعمال ٿيندڙن کي ڏڦيڙ پکيڙڻ نه ڏنو ويندو. اسان لاءِ پهرين ترجيح ملڪ، ادارو ۽ پوءِ شخص آهن.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟