نيب پ پ اڳواڻ خورشيد شاھ خلاف احتساب عدالت ۾ ريفرنس داخل ڪرائي ڇڏيو

0Shares

سکر (بيورو رپورٽ) نيب پيپلزپارٽي اڳواڻ خورشيد شاهه خلاف احتساب عدالت ۾ ريفرنس داخل ڪري ڇڏيو، نيب چيو ته خورشيد شاهه خلاف 1 ارب 23ڪروڙ رپين کان وڌيڪ رقم بابت ريفرنس فائل ڪيو ويو آهي، ريفرنس ۾ خورشيد شاهه سوڌو 18 ماڻهن کي نامزد ڪيو ويو، ريفرنس ۾ خورشيد شاهه جي ٻن گهروارين بي بي طلعت ۽ بي بي گلناز، ٻن پٽن فرخ شاهه، زيرڪ شاهه ۽ ڀائٽيي صوبائي وزير اويس قادر شاهه کي به نامزد ڪيو ويو آهي. ريفرنس ۾ 600 ايڪڙ زرعي زمين به شامل ڪئي وئي آهي، ريفرنس ۾ ملٽي پل اڪائونٽس، ڪراچي ۽ سکر ۾ پلاٽس به شامل، ريفرنس ۾ رحيم بخش اعوان، نثار احمد پٺاڻ، عبدالرزاق بحراني کي به نامزد ڪيو ويو آهي، محمد اڪرم خان، جنيد قادر شاهه، محمد شعيب، طفيل احمد، زوهيب مير به ريفرنس ۾ نامزد آهن، نيب ذريعن موجب ثاقب رضا ۽ محمد ثاقب کي به خورشيد خلاف ريفرنس ۾ نامزد ڪيو ويو آهي.

0Shares
کیٹاگری میں : سنڌ

اپنا تبصرہ بھیجیں