ڪوئيٽا (بيورو) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ملڪ ۾ عوامي راڄ قائم ڪري ڪٺپتيلن کي ختم ڪرڻو پوندو پاڪستان جو هر شهري ان ڳالهه تي ڄمي بيٺل آهي ته طاقت جو سرچشمو عوام آهي اسان ڪو ئي سليڪٽيڊ يا سليڪٽر قبول ناهي اسان لاءِ رڳو عوام جي مرضي هلي سگهي ٿي نه ڪي ڪنهن امپائر جي آڱر، معييشت عوام جي نه پر پي ٽي آءِ آءِ ايم ايف جي مرضي سان سليڪٽيڊ ۽ سليڪٽرزجي مفاد ۾ هلي رهي آهي جڏهن ته سليڪٽيڊ کي اقتدار ۾ آندو وڃي ٿو ته پوءِ ڪجهه عوام جي مرضي سان ناهي ٿيندو پر سليڪٽرز جي مرضي هلندي آهي ڪارڪن سوال ڪن ٿا ته پنڊي ۾ اهڙو ڇا آهي جو ڀٽو ۽ بيبي کي اتي شهيد ڪيو ويو ۽ اسان جي ٽئين نسل جو ٽرائل به پنڊي ۾ ٿي رهيو آهي اسان واضح ڪرڻ چاهيون ٿا اسان پنهنجي مٿان ظلم برداشت ڪرڻ لاءِ تيار آهيون پر هن ملڪ جي غريب ۽ مظلوم عوام تي وڌيڪ ظلم برداشت نه ڪنداسين اها ڳالهه هن آچر تي جتڪ هائوس ڪوئيٽا ۾ ورڪرز ڪنويشن کي خطاب ڪندي ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان پيپلز پارٽي جو صوبائي وزير حاجي علي مدد جتڪ، جنرل سيڪريٽري سيد اقبال شاهه، سينيٽر يوسف باديني، اڳوڻي سينيٽر روضي خان ڪاڪڙ ، سينيٽر صابر بلوچ، اڳوڻو وفاقي وزير سردار عمر گورگيج، مير چنگيز جمالي ، الطاف حسين سميت ٻيا به موجود هئا. بلاول وڌيڪ چيو ته بلوچستان جي وفادار جيالن وٽ تاريخي پيغام کڻي آيو آهيان ته هن سال 27 ڊسمبر تي شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي لياقت باغ راولپنڊي ۾ ملهائينداسين پاڪستان پيپلز پارٽي جي ٽئين نسل جو اعلان آهي ته پنڊي اسان ٻيهر اچي رهيا آهيون شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جڏهن هن پارٽي جو بنياد وڌو اسان کي چار اصول ڏنا ته اسلام اسان جو دين آهي جمهوريت اسان جي سياست آهي مساوات اسان جي معيشت ۽ طاقت جو سرچشمو عوام آهي انهن چئن اصولن تي شهيد ذوالفقار علي پاڪستان کي 1973 جو آئين، پاڪستان کي گڏيل اسلامي جمهوري پارلياماني نظام ڏنو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کوڙ سارا انقلابي قدم کڻندي سرداري، جاگيرداري نظام ۽ وڏين وڏين طاقتن کي ختم ڪيو هن عوام.کي آواز، پورهيتن مزدوري ۽ سندن حق ڏياريو ۽ پاڪستان جي جمهوري انساني معاشي حقن جو تحفظ ڪيو هن سياست معيشت، حڪومت کي عوام جي طاقت سان هلايو ۽ دنيا ۾ پاڪستان جو و قار عوام جي طاقت سان مٿي ڪيو ملڪ ۾ عوامي راڄ ڪجهه طاقتن کي قبول نه هو جنهن جي ڪري شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي پنڊي ۾ ڦاهي ڏني وئي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي نظريي ۽ عوامي حقن تان هٿ نه کنيو هن واضح چيو هو ته مان هڪ ڊڪٽيٽر هٿان مرڻ پسند ڪندس پر تاريخ ۾ هميشه زنده رهڻ پسند ڪندس شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي زندگي ۾ شهادت کانپوءِ به زنده رهيو جڏهن هن ملڪ ۾ آمراڻو دور شروع ٿيو ته هتي حڪومت، معيشت ۽ سياست آمر پنهنجي مرضي سان هلائڻ شروع ڪئي. معيشت ۾ جڏهن آمر جي طاقت شامل ٿي ته پوءِ شهيد بينظير ڀٽو ان آمر جو ڄمي مقابلو ڪيو شهيد ڀٽو، شهيد ڀٽو جي سوچ ۽ نظرئي تي هلندي ٻن آمرن جو مقابلو ڪيو ۽ دهشتگردن جي اکين ۾ اکيون وجهي عوام جي سياست ڪئي عوام جي طاقت سان سياست ۽ حڪومت ڪئي ۽ هن ملڪ جي معيشت کي عوام جي مرضي سان عوام جي فائدي لاءِ هلايو شهيد بينظير ڀٽو سڄي عمر جدوجهد ڪندي رهئي ۽ اها به پنڊي ۾ شهيد ٿي، پنهنجي شهادت کان ڪجهه ڏينهن اڳ بينظير ڀٽو ڪوئيٽا جو دورو ڪيو هو ۽ 27 ڊسمبر تي پنڊي ۾ شهيد ٿي پ پ جي ٻن سربراهن شهادت قبول ڪئي پر ڪنهن آمر جي آمريت کي نه مڃيو پر جمهوريت ۽ جمهوري حڪمراني لاءِ جدوجهد ڪندا رهيا هن چيو ته جڏهن شهيد بينظير ڀٽو پنڊي ۾ شهيد ٿي ته ان ظ:م جي باوجود پارٽي قيادت پاڪستان کپي جو نعرو هنيو اسان شهيد ڀٽو ۽ بيڻظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ سندن اصولن موجب سياست ڪئي اسان عوام جي طاقت سان جمهوريت، معيشت هلائي 18 هين ترميم ڏئي شهيد ڀٽو جو آئين ۽ ملڪ ۾ اصل جمهوريت بحال ڪري صوبن کي مڪمل اختيار ڏنا پ پ پنهنجي حڪومتي دور ۾ پيپلز انڪم سپورٽ پروگرام ڏئي معاشي طور تي ڪمزور عورتن کي سگهارو ڪيو بلوچستان جي عوام کي حق ڏنا، صوبي مان بدحالي ختم ڪرڻ لاءِ پروگرام کڻي آياسين پر اين ايف سي ۽ 18 هين ترميم عمل نه پيو ٿئي . هن چيو ته ملڪ ۾ سياست ۽ صحافت ڪجهه آزاد ناهي ميڊيا تي پابندي مڙهيل جماعتن را جي ايجنٽ ڪل ڀوشن ڀارتي گرفتار پائيلٽ جا انٽرويوز تي هلي سگهن ٿا پر اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جو انٽرويو نه ٿو هلي سگهي هن چيو ته عوام هجي سياسي ڪارڪن هجي سول سوسائٽي جا نمائندا هجن ڪنهن به صوبي سان تعلق رکندڙ هجن غائب ٿي رهيا آهن جنهن ملڪ ۾ ماڻهو غائب ٿيندا هجن ۽ پوءِ ڏوهه جو ذميوار به انهن کي ڄاڻايو وڃي ۽ رياست جي ذميواري نه هجي اها ڪهڙي آزادي آهي هن چيو ته سليڪٽيڊ ۽ نااهل نالائق حڪمران پنهنجو بار عوام مٿان وجهي رهيا آهن 50 لک گهر ۽ هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيندڙ ملازمن کان روزگار ۽ حددخلين جي نالي تي ماڻهن کان گهر کسي رهيا آهن نوجوانن کي روزگار نه ڏئي سندن معاشي قتل ڪيو پيو وڃي پينشنرن کي پينشن نه ڏئي زميدارن کي سبسڊي نه ڏئي انهن جو معاشي قتل ڪيو پيو وڃي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي پينشن ۾ 100 ۽ پگهارن ۾ ڏيڍ سئو واڌ ڪئي دهشتگردي خلاف جنگ وڙهندڙ فوج جي سپاهين جي پگهارن ۾ 175 سيڪڙو واڌ ڪئي اسان بزرگ پينشنرز ۽ سرڪاري ملازمن جي مفادن جو تحفظ ڪيو هي هڪ عوام حڪومت ئي ڪري سگهي ٿي ۽ اهو ئي هڪ عوامي ۽ سليڪتيڊ حڪومت جو ڪم آهي جڏهن ته سليڪٽيڊ سليڪٽرز جو خيال رکن ٿا جڏهن ته عوام جي چونڊيل حڪومت عوام جو ئي خيال رکي ٿي. سليڪٽيِڊ اڄ به سمجهن ٿا ته پ پ کي ۽ جيالن کي ڊيڄاري سگهن ٿا اها سندن ڀل آهي اسان ضياءُ ۽ مشرف جهڙي آمريت جو مقابلو ڪيو هي ڪٺ پتليون ته جيالن لاءِ ڪجهه به ناهن شهيد ڀٽو جي ڏوهٽي ۽ شهيد بي بي جي پٽ کي ڌمڪيون ڏيڻ ڀل آهي هي سمجهن ٿا ته هي اسان مٿان ظلم ڪري اسان جي زبان بند ڪرائي سگهن ٿا اهي ٻڌي ڇڏين ته اها پ پ جي روايت ناهي اڄ به سنڌ جا ڪيس پنڊي ۾ هلي رهيا آهن.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟