حافظ آباد (م ڊ) وزيراعظم جي سڌ سماءَ جي خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڀٽو جي نالي سان سياست ڪندڙ عوامي مسئلن کان بي خبر آهن سنڌ ۾ جيڪڏهن ڀٽو زنده آهي ته غريب مري چڪو آهي، ڀٽو کي زنده رکڻ جي دعوا ڪندڙ لاڙڪاڻو ۽ ٿر ۾ عوام جي لاچاري ڏسو، اربين کربن جي ڪرپشن واري شهباز شريف لاءِ ٽڪي جي ڳالهه مناسب ناهي، اختيار هيٺين سطح تي منتقل ڪرڻ وزيراعظم عمران خان جو مشن آهي آچر تي هتي صحافين سان ڳالهائيندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته صحافت کي هٿي وٺرائڻ ۽ صحافين جي مسئلن جو حل ذميوارين ۾ شامل آهي هن چيو ته انصاف فراهم ڪرڻ تحريڪ انصاف جو منشور آهي حافظ آباد جي ترقي ۾ قومي اسيمبلي ميمبر شوڪت علي ڀٽي جي خاندان جو اهم ڪردار آهي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ڪجهه ماڻهو اقتدار کان پري رهڻ جي تڪليف کي عوام جي تڪليف ٻڌائي رهيا آهن، هن چيو ته اهڙن عنصرن کي اقتدار کان ٻاهر ٿيڻ تي عوامي تڪليف نظر اچي ٿي هن چيو ته پنهنجي خواهشن کي عوام جو نالو ڏئي اقتدار کان محرومي جي ڳالهه ڪري رهيا آهن هن چيو ته سنڌ جو وڏو وزير ڪٺ پتلي آهي عوام اصل امپائر آهي جن لاڙڪاڻو اليڪشن ۾ پنهنجو فيصلو ٻڌايو هن چيو ته چئن سالن کانپوءِ هي عوام ووٽ جي طاقت سان عمران خان کي ٻيهر چونڊيندو وفاق جي زنجير سمجهي ويندڙ جماعت ڪجهه ضلعن تائين محدود ٿي وئي آهي هن چيو ته سڄي سنڌ موهن جو دڙو نظر اچي رهي آهي نااهل صوبائي حڪومت سبب ڪراچي شهر گندگي جو ڍير بڻجي ويو آهي وزيراعظم جي اڳواڻي ۾ ڪراچي کي ٻيهر روشني وارو شهر بڻائينداسين .هن چيو ته هڪ خاندان بيماري جي بهاني تي ضمانت وٺي ٻاهر هليو ويو هن چيو ته بيمار سان سهولتڪار به ملڪ مان ٻاهر هليو ويو آهي سهولتڪار جو اسيمبلي ۾ چيمبر ان جي انتظار ۾ آهي هن چيو ته شهباز شريف وڏي وزير طور اڳوڻي دور ۾ ڪرپشن ڪئي، هن چيو ته شهباز شريف ۽ ان جو خاندان ملڪ اچي عدالتن کي منهن ڏئي. هن چيو ته حافظ آباد پريس ڪلب لاءِ 10 لک رپيا گرانٽ جو اعلان ڪيان ٿي. هن چيو ته پ پ ڪرپشن سبب دفن ٿي چڪي آهي بلاول اڃا تائين ڪرپشن سان رشتو ناهي ٽوڙيو، اهي ماڻهو ملڪ کي لٽي پئسو ٻاهر کڻي ويا هٺيلو ٻار هر جلسي ۾ امپائر جي آڱر جي ڳالهه ڪري ٿو سنڌ جي وڏي وزير کي اهي هلائي رهيا آهن ڇو ته هن جون ڏوريون هنن جي هٿن ۾ آهن بلاول کي چئن سالن تائين تڪليف ۽ رهڻو پوندو اقتدار کان محروم ماڻهو پريشان آهن هن چيوته اڳوڻي حڪومت پاڪستان کي اوڌر تي هلايو ڪميشن وٺي ملڪ جون پاڙون کوکليو ڪيون ۽ ملڪ کي وينٽي ليٽر تي آڻي بيهاريون نابالغ سياستدان ڀٽو جو نالو وٺڻ کان پهرين ڪراچي ۾ ڪتن جي ڏاڙهڻ جي شرح ڏسي هئا.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟