اسان نٿا چاهيون ته اسيمبلي جو اختيار عدالتن ڏانهن هليو وڃي: پرويز خٽڪ

0Shares

نوشهره (م ڊ) بچاءَ جي وفاقي وزير پرويز خان خٽڪ چيو آهي ته سندس ڪوشش آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبرن جي مقررين سميت قانون سازيبابت اپوزيشن جي صلاح مشوري سان فيصلو ٿي ويندو، پنهنجو اختيار پاڻ استعمال ڪرڻ چاهيون ٿا نوشهره جي علائقي وزيرآباد ۾ سوئي گئس افتتاح جي موقعي تي ڪارڪنن کي خطاب ڪندي ۽ ڳالهه ٻولهه ڪندي پرويز خٽڪ چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ اليڪشن ڪميشن ميمبرن سميت اهم قانونسازي بابت اپوزيشن سان ملاقاتن جو سلسلو هلندڙ آهي هن چي وته هو نه ٿو چاهي ته اسيمبلي جو اختيار عدالتن ۾ وڃي اسان پنهنجو اختيار پاڻ استعمال ڪرڻ چاهيون ٿا پرويز خٽڪ چيو ته خبر ناهي مولانا فضل الرحمان وٽ ڪهڙي دوا آهي جو هو چئي رهيو آهي ته هن مهيني حڪومت ختم ٿي ويندي ائين نه ٿو ٿي سگهي ته ڪو به اچي حڪومت ڪيرائي ڇڏي هن چيو ته اپوزيشن کي ڪجهه ڏينهن ۾ خبر پئجي ويندي ته انهن جا پنهنجا ميمبر ئي انهن کان ڌار ٿي رهيا آهن.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں