ڀارت ۾ تڪراري بل خلاف عوام سراپا احتجاج، گاڏين ۽ ملڪيتن کي باهيون، وڌيڪ 2 ڄڻا مارجي ويا

0Shares

نئين دهلي (م ڊ) ڀارت ۾ مسلمان مخالف تڪراري بل جي خلاف جاري پرتشدد مظاهرن جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا مارجي ويا.ڀارتي شهريت جو تڪراري بل پاس ٿيڻ کان پوءِ مودي سرڪار جي خلاف احتجاج چوٿين ڏينهن ۾ داخل ٿي ويو آهي. رياس  ميگهالي، اولهه بنگال، اروناچل پرديش، ڪيراله ۽ هريانه ۾ به مظاهرن جو سلسلو جاري رهيو. ٻئي طرف رياست آسام ۾ ٿيندڙ پرتشدد مظاهرن جي دوران ٿيندڙ فوتين جو انگ 6 ٿي ويو. جڏهن ته ڪلڪته ۾ 15 بسن ۽ ٻين شهن ۾ به ڪيترن ئي ريلوي اسٽيشنن، پوسٽ آفيسن ۽ عوامي جڳهين کي باهه ڏني وئي.ڀارت ۾ شهريت جي حوالي سان تڪراري بل پاس ٿيڻ کان پوءِ مخالف ڌر جي سڀني کان وڏي پارٽي ڪانگريس پاران نئين دهلي ۾ ڀارت بچايو ريلي جو اعلان ڪيو ويو آهي.واضح رهي ته ڀارتي لوڪ سبها ۾ اڪثريت راءِ سان منظور ٿيندڙ بل ۾ بنگلاديش، افغانستان ۽ پاڪستان جي 6 مذهبي اسڪائين هندو، ٻڌ، جين، پارسي، عيسائي ۽ سک مذهب سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي شهريت ڏيڻ جي تجويز رکي هئي جڏهن ته مسلمانن کي ان کان محروم رکيو ويو آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں