آصف زرداري جون خانگي اسپتال ۾ ٽيسٽون، اينجيوپلاسٽي ڪرائڻ جو فيصلو

0Shares

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) آصف علي زرداري جي طبعيت هاڻي بهتر ٿي وئي آهي جڏهن ته سندس ٽيسٽ جون رپورٽون به اچي ويون آهن دل جي مرض جون وڌيڪ ٽيسٽون ڪرايون وينديون جنهن کانپوءِ اينجييو پلاسٽي جو فيصلو ڪيو ويندو رپورٽس جي روشني ۾ آصف علي زرداري کي وڌيڪ ڪجهه ڏينهن اسپتال ۾ ترسائڻ جو امڪان آهي آصف علي زرداري جي دل جي مرض جون وڌيڪ ٽيسٽون ڪرايون وينديون رپورٽون اچڻ کانپوءِ اين جي او پلاسٽي جو فيصلو ڪيو ويندو آصف علي زرداري کي گذريل شام ضياءُ الدين اسپتال منتقل ڪيو ويو هو آصف علي زرداري جو خانگي اسپتال ۾ علاج جاري آهي ۽ هاڻي سندس صحت بهتر ٿي رهي آهي. ڊاڪٽر نديم قمر جي سربراهي ۾ ڊاڪٽرن جي ٽيم ان جي طبعيت کي لڳاتار چڪاسي رهي آهي وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، صحت جي صوبائي وزير عذرا پيچوهو ميڊيڪل بورڊ سان رابطي ۾ آهن ڊاڪٽرن جي ٽيم آچر ڏهاڙي تي به سندس چڪاس ڪئي آهي. ٻئي طرف بلاول ڀٽو عذره افضل پيچوهو هري رام ڪشوري لال ۽ ٻين آصف زرداري جي اسپتال پهچي عيادت ڪئي آصف زرداري هري رام ڪشوري لال کي چيو ته اوهان مون کي ميرپورخاص جي چڻن واري چاٽ جيڪا آئون کائيندو وهئس ڪڏهن کارائيندا هري رام ڪشوري لال چيو ته چاٽ واري کي هتي ئي گهرايان ٿو اوهان کي هتي ئي گرم ۽ تازا چڻن واري چاٽ کارايان ٿو آصف زرداري چيو ته هن عمر ۾ ننڍپڻ ياد اينديو آهي هري رام چيو ته ننڍپڻ جون يادون انمول تحفو هونديون آهن زرداري ميرپورخاص جي چڻن جي چاٽ کائڻ وساري ناهي سگهيو، ٻئي طرف عذرا افضل پيچوهو ميِڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته آصف رزداري کي عدالت ضمانت ڏني آهي حڪومت احسان ناهي ڪيو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں