نيب وزيراعظم جي اڳوڻي پرنسپل سيڪريٽري فواد حسن فواد کي گرفتار ڪري ورتو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي اڳوڻي پرنسپل سيڪريٽري فواد حسن فواد کي آشيانه هائوسنگ اسڪيم اسڪينڊل ۾ نيب لاهور گرفتار ڪري ورتو آهي. وزيراعظم جي اڳوڻي پرنسپل سيڪريٽري فواد حسن فواد کي نيب ۾ پيش ٿيڻ لاءِ 11 ڀيرا گهرايو ويو پر رڳو چار ڀيرا پيش ٿيو. فواد حسن فواد نيب ۾ پيش ٿيڻ لاءِ پهتو ته کيس سوالنامو ڏنو ويو. فواد حسن فواد سوالن جا جواب ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي ويو ۽ نيب آفيسرن کي مطمئن نه ڪري سگهيو جنهن بعد کيس گرفتار ڪيو ويو آهي. فواد حسن فواد نواز شريف جو تمام گهڻو ويجهو ساٿي آهي ۽ نهايت طاقتور آفيسر سمجهو ويندو آهي.

اپنا تبصرہ بھیجیں