اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سُپريم ڪورٽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه کي 6 مهينن لاءِ مشروط طور واڌ جي واڌ ڏئي ڇڏي. سُپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس آصف سعيد کوسه جي سربراهيءَ ۾ جُڙيل 3 رُڪني بئنچ وقفي کانپوءِ ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران اٽارني جنرل انور منصور ۽ آرمي چيف جي وڪيل فروغ نسيم پيش ٿي حلف ناما جمع ڪرايا.سُپريم ڪورٽ پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه جي ملازمت جي مُدي ۾ 6 مهينن تائين مشروط طور واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا آهن ته حڪومت آئين جي آرٽيڪل 243 تي ڀاڙي رهي آهي. حڪومت کي 6 مهينن دوران قانونسازي جو حڪم ڏنو ويو آهي. سُپريم ڪورٽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي ملازمت جي مُدي ۾ 6 مهينن تائين توسيع پارليامينٽ ۾ قانونسازي سان مشروط ڪري ڇڏي. سُپريم ڪورٽ چيو آهي ته هاڻي هي مامرو حڪومت ۽ پارليامينٽ تي ڇڏيون ٿا، کانپوءِ ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران اٽارني جنرل انور منصور ۽ آرمي چيف جي وڪيل فروغ نسيم پيش ٿي حلف ناما جمع ڪرايا. ڌڻيءَ کانپوءِ سُپريم ڪورٽ مختصر فيصلو جاري ڪيو ۽ چيو ته تفصيلي فيصلو بعد ۾ جاري ڪيو ويندو. فيصلي ۾ سُپريم ڪورٽ چيو آهي ته عدالت جي اڳيان آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي ملازمت جي مُدي ۾ واڌ وارو مامرو آيو، آرمي چيف جي مقرري کي چئلينج ڪيو ويو هو. عدالت جي اڳيان آئين جي آرٽيڪل 243 جو مامرو آيو ۽ حڪومت آرمي چيف جي مقرريءَ ۾ آرٽيڪل 243 تي ڀاڙي رهي آهي، سُپريم ڪورٽ چيو آهي ته آرمي چيف جي ٻيهر مقرري واري مامري تي قانون خاموش آهي، اسان هي مامرو حڪومت ۽ پارليامينٽ تي ڇڏيو آهي، آرمي چيف جي مقرري 6 مهينن لاءِ هوندي ۽ اُنهي عرصي ۾ قانون ٺهڻ کانپوءِ مامرو کي وڌيڪ ڏٺو ويندو. عدالت مختصر فيصلي ۾ چيو آهي ته حڪومت هٿياربند فوج جي حوالي سان قانون ۾ ترميم لاءِ 6 مهينن جو وقت گهري ورتو آهي. عدالت آرمي چيف جي مُدي ۾ 6 مهينن لاءِ توسيع جي اجازت ڏني آهي.سُپريم ڪورٽ چيو آهي ته عدالت اڳيان جنرل قمر جاويد باجوه جي ملازمت جي مُدي ۾ ُاڌ جي حوالي سان نوٽيفڪيشن جمع ڪرايو ويو، عدالت آرٽيڪل 243 جو جائزو ورتو ۽ آرمي ايڪٽ توڙي اُن جي ڪردار جو به جائزو ورتو. عدالت اڳيان سوال آيو ته آرمي چيف جي مُدي ۾ واڌ ڪري سگهجي ٿي يا نه؟ اٽارني جنرل عدالتي سوالن جا جواب ڏنا. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته دستاويزن موجب پاڪ آرمي جو ڪنٽرول وفاقي سرڪار سنڀاليندي آهي، چيف آف آرمي اسٽاف جي مقرري وزيراعظم جي مشاوت سان صدر ڪندو آهي. آرمي چيف جي مقرريءَ جي حوالي سان سمري پيش ٿيڻ بعد ريمارڪس ڏيندي جسٽس منصور علي شاهه چيو ته قانون ۾ ڪٿي به مقرريءَ جو مُدو نه لکيل آهي، جيڪڏهن مُدو طئه نه ٿيو ته ايندڙ حڪم تائين آرمي چيف مقرر هوندو. اٽارني جنرل عدالت کي آگاهه ڪيو ته سمري ۾ آرمي چيف جي پگهار، رعايتون ۽ ملازمت جو مُدو واضح ڪنداسين. چيف جسٽس اٽارني جنرل سان مخاطب ٿيندي چيو ته توهان پهريون ڀيرو ڪوشش ڪئي آهي ته آئين تي واپس اچو. هن معاملي ۾ سُپريم ڪورٽ جي فيصلن جو حوالو نه ڏيڻ گهرجي. سُپريم ڪورٽ جو حوالو ڏيڻ سان ائين لڳي ٿو ته اسان جو ڪُلهو استعمال ڪيو پيو وڃي. اسان ڪڏهن ڏکيا نه رهيا آهيون، سدائين آئين ۽ قانون جي پابندي ڪرڻ وارا رهيا آهيون. ٻڌڻيءَ دوران چيف جسٽس آصف سعيد کوسه اٽارني جنرل سان مخاطب ٿيندي چيو ته آرٽيڪل 243 تحت جيڪا سمري توهان ٺاهي آهي، اُن ۾ 3 سالن جو مُدو لکي ڇڏيو آهي، هاڻي توهان 243 واري شق تي ته مهر لڳائي ڇڏي آهي ته واڌ 3 سالن لاءِ ٿيندي. جسٽس منصور علي شاهه ريمارڪس ڏيندي چيو ته آرمي چيف جي مُقرري قانون موجب هجڻ گهرجي، قانون ۾ ڪٿي به ملازمت جو مُدو لکيل نه آهي. جيڪڏهن مُدو طئه نه ڪريو ته ايندڙ حڪم تائين آرمي چيف مقرر هوندو. عدالت اٽارني جنرل ۽ فروغ نسيم پاران حلف ناما جمع ڪرائڻ بعد آرمي چيف جي ملازمت واري مدي ۾ 6 مهينا واڌ جي مشروط اجازت ڏئي ڇڏي، عدالت حڪومت کي آرمي ايڪٽ پارليامينٽ ۾ منظور ڪرائڻ جو به حڪم ڏنو ۽ چيو ته حڪومت بار بار پنهنجو موقف تبديل ڪندي رهي، آرمي ايڪٽ جي حوالي سان پارليامينٽ ۾ قانونسازي ڪئي وڃي.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟