سپريم ڪورٽ جو فيصلو پرڏيهي دشمنن ۽ ملڪي مافيا لاءِ مايوس ڪندڙ آهي: وزيراعظم

0Shares

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان سُپريم ڪورٽ جو فيصلو پرڏيهي دشمنن ۽ ملڪي مافيا لاءِ مايوس ڪندڙ قرار ڏئي ڇڏيو. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي ملازمت جي مُدي ۾ مشروط واڌ وارو سُپريم ڪورٽ جو فيصلو اچڻ کانپوءِ وزيراعظم عمران خان سوشل ميڊيا تي بيان جاري ڪيو آهي. وزيراعظم عمران خان پنهنجي ٽوئيٽ بيان ۾ چيو آهي ته اڄوڪو ڏينهن اُنهن ماڻهن لاءِ مايوس ڪندڙ آهي، جيڪي ادارن ۾ ٽڪراءُ جي صورت ۾ ملڪ اندر عدم استحڪام جي خواهش ڪري رهيا هئا. وزيراعظم عمران خان پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ادارن ۾ ٽڪراءُ نه ٿيو ۽ پرڏيهي دشمنن توڙي ملڪي مافيا کي مايوسي ٿي آهي. اُها مافيا ملڪي ناڻو لُٽي پرڏيهي موڪليو ۽ ملڪ ۾ عدم استحڪام پيدا ڪري لٽيل ناڻي کي تحفظ ڏيڻ گهري ٿي. وزيراعظم ٽوئيٽ بيان ۾ وڌيڪ چيو ته اها سندن ئي جماعت (پي ٽي آءِ) آهي، جنهن 23 سال اڳ سڀ کان پهرين عدليه جي آزادي لاءِ آواز بلند ڪيو، سال 2007ع ۾ پي ٽي آءِ عدليه جي آزادي واري تحريڪ ۾ سڀ کان اڳري هئي ۽ اُن لاءِ کيس جيل به ڪاٽڻي پئي. وزيراعظم بيان ۾ چيف جسٽس آصف سعيد کوسه جو به ذڪر ڪيو. اُن حوالي سان هن چيو ته اهو رڪارڊ جو حصو رهي ته آئون چيف جسٽس آصف سعيد کوسه جو تمام گهڻو احترام ڪريان ٿو. پاڪستان جيڪي به وڏا جيورسٽ (ججز) پيدا ڪيا، چيف جسٽس آصف سعيد کوسه اُنهن منجهان هڪ آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں