آرمي چيف جي آرٽيڪل 243 تحت نئين سر مقرري ڪئي آهي (اٽارني جنرل) عدالت جو ڪلهو استعمال نه ڪيو: چيف جسٽس

0Shares

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اٽارني جنرل هڪ ڀيرو ٻيهر سُپريم ڪورٽ ۾ نئين سمري پيش ڪندي چيو آهيته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي آرٽيڪل 243 تحت نئين سر مقرري ڪئي وئي آهي. چيف جسٽس سمري مان عدالت جو حوالو ڪڍڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته حڪومت پاڻ ڪم ڪري ته مقرري قانوني آهي يا نه. عدالت جو ڪُلهو استعمال نه ڪيو وڃي.
سُپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس آصف سعيد کوسه جي سربراهيءَ ۾ جُڙيل 3 رُڪني بئنچ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي ملازمت ۾ واڌ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران اٽارني جنرل انور منصور ۽ آرمي چيف جو وڪيل فروغ نسيم پيش ٿيا. جنهن دوران اٽارني جنرل طرفان آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي ملازمت جي مُدي ۾ واڌ جي حوالي سان هڪ ٻي ترميمي سمري پيش ڪئي، جيڪا گذريل ڏينهن وزيراعظم جي صدارت هيٺ اجلاس دوران تيار ڪئي وئي هئي. ٻڌڻيءَ دوران وفاقي سرڪار جي نمائندي اٽارني جنرل انور منصور سُپريم ڪورٽ کي آگاهه ڪيو ته آئين جي آرٽيڪل 243 تحت آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي ٻيهر مقرري ڪئي وئي آهي. چيف جسٽس اٽارني جنرل کان پُڇيو ته اڄ ٿيندڙ مقرري اڳوڻين مقررين کان ڪيئن مختلف آهي؟ جنهن تي اٽارني جنرل چيو ته نئين (اڄوڪي) مقرري آئين جي آرٽيڪل 243 (هڪ) تحت ڪئي وئي آهي. جسٽس آصف سعيد کوسه اٽارني جنرل کي ڇچيو ته عدالت کي مطمئن ڪريو ته نئين ٿيندڙ مقرري ڪيئن صحيح آهي؟ سمري ۾ ته عدالتي ڪارروائي جو ذڪر ڪيو ويو آهي، توهان پاڻ بار کڻو، اسان جي ڪُلهي کي استعمال نه ڪريو. اسان کي وچ ۾ نه آڻيو ۽ پنهنجو ڪم پاڻ ڪريو. چيف جسٽس ريمارڪس ۾ چيو ته عدالت جو نالو اِن ڪري استعمال ڪيو ويو ته اسان غلط به نه چئي سگهون.چيف جسٽس وفاقي سرڪار کي حڪم ڏنو ته سمري مان عدالت جو نالو ڪڍو ۽ جائزو وٺو ته آرمي چيف جي نئين سر مقرري قانوني آهي يا نه؟ اٽارني جنرل آف پاڪستان فوجي جنرلز جي رٽائرمينٽ تي عدالت ۾ ئي بيان تبديل ڪري ڇڏيو. سُپريم ڪورٽ چيو آهي ته پارليامينٽ آرمي جي قانون کي اپڊيٽ ڪري ته نوان قاعده ٺهي سگهن ٿا. ٻڌڻيءَ دوران جسٽس منصور علي شاهه ريمارڪس ۾ چيو ته اهو واضح ٿيڻ گهرجي ته جنرل کي پينشن ملندي آهي يا نه؟ جنهن تي اٽارني جنرل چيو ته مُدو پورو ٿيڻ تي جنرل رٽائر ٿي ويندو آهي. جنهن تي جسٽس منصور علي شاهه چيو ته توهان ته ڪالهه چئي رهيا هئا ته جنرل رٽائر ناهي ٿيندو پارليامينٽ کان وڌيڪ بهتر ڪو به فورم نه آهي، جيڪو سسٽم ٺيڪ ڪري سگهي، پارليامينٽ آرمي جي قانون کي اپڊيٽ ڪري ته نوان قاعده ٺهي سگهن ٿا. اٽارني جنرل چيو ته کيس آئين ۾ 18 مختلف غلطيون نظر آيون آهن، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته غلطين باوجود آئين اسان لاءِ گهڻو محترم آهي. اٽارني جنرل سُپريم ڪورٽ ۾ چيو ته فوجي جنرلز توڙي آفيسرز جي مقرري ۽ ملازمت ۾ واڌ جي حوالي سان آرمي جو قانون وفاقي ڪابينا آڏو پيش ڪيو ويندو ۽ اُن ۾ ضروري تبديليون آنديون وينديون. جسٽس مظهر عالم ريمارڪس ڏيندي چيو ته اهو به طئه ٿيڻ گهرجي ته مستقبل ۾ آرمي چيف جي ملازمت ۾ واڌ ٿيندي يا نئين سر مقرري آهي. 01

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں