ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وزيراعظم پاران 11 ڊسمبر 2019 جو سڏرائيندڙ سي سي آئي جي اجلاس بابت تياري اجلاس جي صدارت ڪئي. وڏي وزير ايجنڊن جو جائرو ورتو ۽ بين الاصوبائي رابطي کاتي (آئي پي سي) کي هدايت ڪئي ته هو اجلاس لاءِ سڀني لاڳاپيل سمرين جو بندوبست ڪري ۽ سموريون ضروري تياريون مڪمل ڪري وٺي ته جيئن هو تمام خاص معاملن سوڌو 1991ع پاڻي جو معاهدو، توانائي پاليسي، ايف بي آر پاران صوبائي ايڪسائيز کاتي جي اڪائونٽ مان سڌي ريت ڪٽوتي ڪيل وٿ هولڊنگ ٽيڪس جي واپسي سميت ٻين مسئلن تي پنهنجي حڪومت جو نقطه نظر پيش ڪري سگهي. ارسا آڪٽوبر 2019 ۾ جهلم لنڪ ڪينال چشمي تي واقع 25 ميگاواٽ جو هائيڊرو پاور پروجيڪٽ لڳائڻ لاءِ اين او سي جاري ڪئي آهي. صوبائي حڪومت جو نقطه نظر هي آهي ته ارسا اهڙي طرح جي اين او سي جاري ڪرڻ جو مجاز نه آهي ان ڪري اهو معاملو سي سي آئي واري اجلاس ۾ اچڻ گهرجي. وڏي وزير چيو ته چشما جهلم لنڪ ڪينال ڪو مستقل ڪينال نه آهي پر هي ته فلڊ ڪينال به نه آهي ڇوته ان ۾ سڄي سال جي پاڻي جو وهڪرو نه هوندو آهي. هن چيو ته جڏهن 1991 جي پاڻي واري معاهدي ۾ جڏهن اسان لاءِ پاڻي نه رکيو ويو آهي ته ڪهڙي ريت هڪ هائيڊرو پاور پروجيڪٽ اتي لڳائي سگهجي ٿو. وڏي وزير آبپاشي کاتي کي هدايت ڪئي ته هو هڪ ڪيس تيار ڪري ۽ کيس هڪ هفتي اندر پيش ڪري. 18هين آئيني ترميم موجب سنڌ اسيمبلي سنڌ ورڪرز ويلفيئر فنڊ ايڪٽ 2014 ۽ سنڌ ايمپلائيز اولڊ ايج بينيفٽ ايڪٽ 2014 پاس ڪيو ان ڪري ٻئي ورڪرز ويلفيئر آرڊيننس آف 1976 ۽ اولڊ ايج بينيفٽ ايڪٽ 1976 کي سنڌ جي حد تائين منسوخ ڪيو ويو آهي. وڏي وزير چيو ته وفاقي حڪومت کي گهرجي ته هو ڊبليو ڊبليو ايف ۽ اي او بي آئي جي انتظامي ڪنٽرول سميت اثاثا سنڌ حوالي ڪن. ڊبليو ڊبليو ايف ۽ اي او بي آئي سنڌ حڪومت کي ڏنا وڃن. هن ليبر کاتي کي هدايت ڪئي ته هو ان بابت ڪيس تيار ڪري. وفاقي حڪومت پيٽروليم (ايڪسپلوريشن اينڊ پروڊڪشن) پاليسي 2012 ۾ ترميم تجويز ڪئي آهي جنهن تحت 5 سيڪڙو ”ڪيرنگ ورڪنگ انٽرسٽ“ جو تصور شامل ڪيو ويو آهي جنهن جو مطلب آهي ته سنڌ حڪومت جيڪڏهن ايڪسپلوريشن ناڪام ٿيڻ تي کيس 5 سيڪڙو خرچ جي مد ۾ ادا ڪرڻا پوندا. وڏي وزير چيو ته کيس حڪومت اهڙي ريت ”ڪيرينگ ورڪنگ انٽرسٽ“ خلاف آهي ۽ هي صوبائي وسيلن لاءِ هڪ وڏو نقصان ثابت ٿيندو. هن توانائي کاتي تي زور ڀريو ته ان بابت ڪيس تيار ڪري.پاڪستان اسٽينڊرڊ ۽ ڪوالٽي ڪنٽرول اٿارٽي (پي ايس ڪيو سي اي) فوڊ اٿارٽيز وچ ۾ ڪوالٽي ڪنٽرولنگ ۽ ريگيوليٽري اٿارٽي بابت معاملو هلي رهيو آهي. سنڌ حڪومت اهو محسوس ڪندي آهي ته 18هين ترميم کانپوءِ فوڊ آرٽيڪلز صوبائي ڊومين ۾ ايندو آهي جيڪڏهن انهن کي ريگوليٽ، معائنو، رجسٽر ۽ کيس نفاذ صوبائي فوڊ اٿارٽي کي کين لاڳاپيل صوبي ۾ ڪرڻو آهي، وڏي وزير فوڊ اٿارٽي کي هدايت ڪئي ته هو ان بابت ڪيس تيار ڪري ۽ کيس ميٽنگ لاءِ پيش ڪري. وزارت صحت 30 جون 2011 تي پنهنجا سڀئي عمودي پروگرام صوبي کي تفويض ڪيا هئا. سي سي آئي پنهنجي 28 اپريل 2011 واري اجلاس ۾ فيصلو ڪيو هو ته وفاقي حڪومت ايندڙ اين ايف سي ايوارڊ تائين فقط عمودي پروگرام لاءِ فنڊنگ ڏيندي. وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت جو 13 ارب رپين جي لڳ ڀڳ قرض يا ڪليم آهي جيڪو وفاقي حڪومت کي جلد ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن صحت کاتي کي ان بابت ڪيس تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن کاتي پاران وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته ايف بي آر وٿ هولڊنگ ٽيڪس جي مد ۾ 8 ارب رپين کان وڌيڪ پاڻمرادو صوبائي حڪومت جي اڪائونٽ مان ڪٽوتي ڪيا آهن. وڏي وزير ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن کاتي کي هدايت ڪئي ته هو هڪ تفصيلي ڪيس تيار ڪري جنهن ۾ ايف بي آر سان گڏ ان حوالي سان ٿيندڙ اجلاسن کي واضح ڪري ته جيئن سي سي آئي فورم وٽان ان رقم کي واپس حاصل ڪري سگهجي. وڏي وزير پنهنجي ڪابينا جي ميمبرن ۽ لاڳاپيل سيڪريٽرين کي ٻڌايو ته هو وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ کي پنهنجا تفصيلي ڪيس جمع ڪرائي ڇڏين ۽ هو سي سي آئي جي اجلاس لاءِ پنهنجيون سفارشون جوڙڻ لاءِ هڪ ٻيو اجلاس گهرائيندو.01
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟