پرڏيهي فنڊنگ ڪيس بابت حقيقتون عوام آڏو آڻڻ جو فيصلو، اليڪشن ڪميشن سمورين پارٽين جي آڊٽ ڪري: وفاقي سرڪار

0Shares

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسلام جي خلاف اشتعال انگيز ڪارروايون ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهن. پرڏيهي وزارت او آءِ سي کان فوري رابطو ڪري. رپورٽ موجب حڪمران جماعت جي طرفان ناروي ۾ قرآن پاڪ جي بيحرمتي کي ناقابل برداشت قرار ڏيندي او آءِ سي کي خط لکڻ جو فيصلو ڪيو ويو. وزيراعظم عمران خان حڪمران پارٽي جي ڪور ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي چيو ته پرڏيهي وزارت او آءِ سي سان فوري رابطو ڪري. هن چيو ته اسلام جي خلاف اشتعال انگيز ڪارروايون ڪنهن صورت ۾ قابل قبول ناهن. ان موقعي تي ڪور ڪميٽي کي فارن فنڊنگ ڪيس به تي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم فارن فنڊنگ ڪيس متعلق بابر اعواڻ کي هدايت ڪئي ته هو اهي حقيقتون عوام جي سامهون رکي. ڪور ڪميٽي ميمبرن پنجاب جي انتظامي معاملن تي تحفظات جو اظهار ڪيو. اجلاس ۾ پنجاب جي انتظامي معاملن جي حوالي سان مختلف تجويزون غور هيٺ آيون. ٻئي طرف ڪور ڪميٽي جي اجلاس بعد ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته بيروزگاري اپوزِيشن ڪوڙي پروپئگنڊا ڪري پرڏيهي فنڊنگ بابت قوم کي گمراهه ڪري رهي آهي اليڪشن ڪميشن سڀني پارٽين جي آڊت ڪري حڪومت پرڏيهي فنڊنگ بابت منهنجو جواب اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي هن چيو ته اسلام فوبيا سان جڙيل موقف عالمي امن لاءِ خطرو آهي هن چيو ته ڪور ڪميٽي اجلاس ۾ ناروي واقعي جي مذمت ڪئي وئي، هي مسلم امت جو مسئلو آهي او آءِ سي م ناروي واقعي خلاف ٺهراءُ پيش ڪيو ويندو اجلاس ۾ مهانگائي بابت به غور ويچار ٿيو. حڪومت بجيٽ خساري ڪرنٽ اڪائونٽ خساري تي ڪنٽرول ڪيو مهانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں