نواز شريف گرفتاري کان ڊڄي لنڊن ۾ لڪي وڃي ويٺو آهي: ترين

0Shares

لوڌران ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف اڳواڻ جهانگير ترين چيو آهي ته پارٽين ۾ ننڍا وڏا اختلاف هوندا آهن، منهنجو شاهه محمود قريشي سان ڪو به اختلاف ناهي، پارٽي جي مفادن خاطر ناراض ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جي گهرن ۾ ويندس. لوڌران ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي جهانگير ترين چيو ته نواز شريف جي پارٽي مان اميدوار ۽ ڪارڪن ڀڄي رهيا آهن، نواز شريف گرفتاري کان ڊڄي رهيو آهي تنهن ڪري لنڊن وڃي لڪي ويٺو آهي. هن چيو ته ميان صاحب کي ڏيهه واپس اچي ڪيسن کي منهن ڏيڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته عام چونڊن ۾ تحريڪ انصاف سموري ملڪ مان ڪاميابي حاصل ڪندي. جهانگير ترين چيو ته لاهور ۾ هڪ برسات شهباز شريف جي ترقياتي رٿائن جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا آهن، هڪ برسات سندس سمورين دعوائن کي وائکو ڪري ڇڏيو آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں