آءِ جي سنڌ ۽ چيف سيڪريٽري کي تبديل ڪرڻ جو فيصلو، سمري وزيراعظم حوالي

0Shares

ڪراچي / اسلام آباد (اسٽاف رپورٽر + بيورو) آءِ جي سنڌ ۽ چيف سيڪريٽري جي تبديلي واري سمري وزيراعظم حوالي، مشتاق مهر کي نئون  آءِ جي ۽ انعام الله ڌاريجو کي چيف سيڪريٽري مقرر ڪرڻ جا امڪان، تفصيل موجب آءِ جي سنڌ ڪليم امام ۽ چيف سيڪريٽري سنڌ ممتاز شاھ  کي تبديل ڪرڻ جا امڪان چٽا ٿي ويا، سنڌ جي بيورو ڪريسي ۾ تبديلي لاءِ وفاق پاران سنڌ سرڪار سان مشاورت مڪمل ڪئي وئي، چيف سيڪريٽري سنڌ ممتاز  شاھ ۽آءِ جي سنڌ ڪليم امام جي تبديلي لاءِ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن پوسٽنگ پلان واري سمري وزيراعظم کي اماڻي ڇڏي آهي، آءِ جي سنڌ ڪليم امام جي جاءِ تي مشتاق مهر کي نئون آءِ جي مقرر  ڪيو ويندو. جڏهن ته چيف سيڪريٽري ممتاز شاھ کي تبديل ڪري سندس جاءِ تي انعام الله ڌاريجو کي مقرر ڪيو ويندو. سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ ڊويزن اعجاز منير کي به تبديل ڪيو ويندو. سندس جاءِ تي افضل لطيف کي مقرر ڪيو ويندو.  وزيراعظم پاران سمري منظور ڪرڻ لاءِ بدلين ۽ مقررين جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں