ملتان (م ڊ) پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر سي پيڪ تي آمريڪي بيان رد ڪندي چيو آهي ته آمريڪا جي بيان سان منصوبي تي ڪو به اثر نه پوندو، سي پيڪ جا منصوبا جاري آهن ۽ جاري رهندا، آمريڪا سميت جيڪو به اسپيشل اڪنامڪ زون ۾ سرمايو لڳائڻ چاهي ٿو ته لڳائي، قرآن مجيد جي بي حرمتي جي واقعي تي ناروي جي سفير کي گهرائي احتجاج ڪيو ويو آهي، قرآن جي بي حرمتي ڪندڙ کي سزا ڏني وڃي، ڪشمير جي مسئلي تي سياسي پارٽين ۾ ڪو به اختلاف ناهي، ملڪ ۾ ڪو به احتسابي عمل کان نٿو گذرڻ چاهي، سنڌ حڪومت احتساب جي عمل ۾ ڍال بڻجي رهي هئي، تنهنڪري زرداري جو ڪيس راولپنڊي منتقل ڪيو ويو، نواز شريف جي حوالي سان صحت جي وزارت بهتر جواب ڏئي سگهي ٿي، ٻاهر وڃڻ جون خواهشون سڀني جون آهن، آچر تي هتي صحافين سان ڳالهائيندي پرڏيهي وزير چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڪرفيو کي 112 ڏينهن ٿي ويا آهن، آمريڪي ڪانگريس ۾ ڪشمير جو مسئلو بهتر نموني اٿاريو ويو آهي، ايوان جي ميمبر راشده طالب آمريڪا ڪانگريس ۾ ٺهراءُ پيش ڪيو آهي، هن چيو ته يورپي يونين ۾ به ڪشمير جو مسئلو اٿاريو ويو آهي، شاهه محمود قريشي چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ٿيندڙ موت جا انگ اکر جاري نٿا ڪيا وڃن، ان حوالي سان آمريڪي ڪانگريس جي ميمبر بريڊ شرمين والاريل ڪشمير تي بريفنگ جو مطالبو ڪيو آهي، هن جو چوڻ آهي ته يورپي وفد کي والاريل ڪشمير ڏيکاري سگهجي ٿو ته آمريڪين کي ڇو اجازت ناهي، شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان ڪشمير جو ٻيهر مسئلو اٿارڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ڪشمير ڪميٽي جي چيئرمين فخر امام ۽ عسڪري عملدارن صورتحال کان آگاهه ڪيو، پرڏيهي وزارت ۾ اهم اجلاس سڏايو ويندو جنهن جي صدارت لاءِ وزيراعظم کي درخواست ڪئي ويندي، اجلاس ۾ وزيراعظم کي نئين حڪمت عملي کان آگاهه ڪيو ويندو. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اسان جي ملڪ ۾ ڪير به احتساب جي عمل مان گذرڻ نٿو چاهي ۽ سڀ ٻاهر وڃڻ جي خواهش رکن ٿا. ملتان ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي هٺ ڌرمي جاري آهي، اتي ڪرفيو کي 112 ڏينهن گذري چڪا آهن، ڪشمير جي معاملي تي سياسي جماعتن ۾ ڪو اختلاف ناهي، آمريڪي ڪانگريس ۾ ڪشمير مسئلو ڀرپور طريقي سان اٿاريو ويو، نمائندن جي ايوان جي ميمبر راشدا طالب آمريڪي ڪانگريس ۾ ٺهراءُ پيش ڪيو آهي، يورپي يونين ۾ به ڪشمير مسئلي کي اجاڳر ڪيو ويو آهي، اسان جي اندرين صورتحال سبب ڪجهه وقت لاءِ ميڊيا جي نظر والاريل ڪشمير تان هٽي وئي هئي. هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ماڻهن جي مارجڻ جا انگ اکر به جاري ناهن ڪيا ويندا، ان ڏس ۾ آمريڪي ڪانگريس جي ميمبر بريڊ شرمين والاريل ڪشمير تي بريفنگ جو مطالبو ڪيو آهي، سندس چوڻ آهي ته جيڪڏهن يورپي وفد کي والاريل ڪشمير جو دورو ڪرائي سگهجي ٿو ته آمريڪي کي ڇو نه؟ سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ناروي واقعي سان مسلمانن جي دل آزاري ٿي آهي، ڪالهه پرڏيهي آفيس ۾ ناروي جي سفير کي گهرائي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو، ناروي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته قرآن پاڪ جي بي حرمتي ڪندڙ کي سخت سزا ڏني وڃي. پرڏيهي وزير سي پيڪ جي حوالي سان آمريڪي خدشن تي چيو ته اهو منصوبو گيم چينجر آهي، اهو چوڻ ته سي پيڪ سان اسان جي قرضن ۾ واڌ ٿيندي درست ناهي، اسان انهن جي راءِ مان متفق ناهيون، آمريڪا سميت جيڪو به اسپيشل اڪنامڪ زونز ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ چاهي ٿو ڪري. شاهه محمود قريشي جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس جي حوالي سان چيو ته سنڌ جي حڪومت آصف زرداري جي تابع آهي، اڳوڻي صدر جو ڪيس ان ڪري راولپنڊي منتقل ڪيو ويو، ڇو ته سنڌ حڪومت انصاف جي راهه ۾ رنڊڪ وجهي رهي هئي. نواز شريف بابت ڳالهائيندي هن چيو ته اڳوڻي وزيراعظم جي حوالي سان صحت واري وزارت بهتر جواب ڏئي سگهي ٿي، ٻاهرين ملڪ وڃڻ جي خواهش سڀني جي آهي، ملڪ ۾ ڪير به احتساب جي عمل مان گذرڻ نٿو چاهي، مختلف بهانن ذريعن احتساب جي عمل ۾ رنڊڪون وڌيون وينديون آهن، وزيراعظم احتسابي عمل کي اڳتي وڌائڻ لاءِ پرعزم آهي.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟