نوازشريف کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت، نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جو حڪم، ضمانتي بانڊ وارو حڪومتي شرط رد

0Shares

لاهور (بيورو): لاهور هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي علاج جي لاءِ ٻاهرين ملڪ وڃڻ جي اجازت ڏيندي حڪومت کي ان جو نالو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ (اي سي ايل) مان ڪڍڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. جسٽس باقر نجفي جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ نيب پراسيڪيوٽر، ايڊيشنل اٽارني جنرل ۽ شهباز شريف جي وڪيل درخواست تي دليل ڏنا. ٻڌڻي دوران شهباز شريفجي طرفان عدالتي حڪم تي تحريري ضمانت جمع ڪرائي وئي، جنهن جي جواب ۾ سرڪاري وڪيل ڪجهه اعتراض اٿاريا. جنهن تي عدالت پاڻ ڊرافٽ تيار ڪري ٻنهي ڌرين کي ڏنو. مسلم ليگ (ن) جي طرفان عدالتي ڊرافٽ کي تسليم ڪري ورتو، جڏهن ته سرڪاري وڪيلن موقف اختيار ڪيو  ته مسودي ۾ ڪا ضمانت طلب ناهي ڪئي وئي. ان لاءِ عدالتي ڊرافٽ تي تحفظات آهن. جڏهن ته عدالت اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي علاج غرض سان 4 هفتن جي لاءِ ٻاهرين ملڪ وڃڻ جي اجازت ڏيندي حڪومت کي ان جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جو حڪم ڏنو. لاهور هاءِ ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ وڌيڪ چيو آهي ته نواز شريف جي علاج خاطر پرڏيهه وڃڻ واري اجازت ۾ ميڊيڪل بورڊ جي رپورٽس جي بنياد تي واڌ ٿي سگهي ٿي، ڊاڪٽرز جي سفارشن کانپوءِ عدالت سان رابطو ڪري سگهجي ٿو. عدالت فيصلو ڏيندي نوازشريف جي پرڏيهه وڃڻ تي حڪومت جو 7 ارب رپين جا شوئرٽي بانڊ جمع ڪرائڻ وارو شرط به رد ڪري ڇڏيو، عدالت چيو ته نوازشريف کي انساني بنيادن تي ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏني آهي، مسودي تي عمل نه ٿيو ته توهين عدالت هوندي نوازشريف علاج لاءِ ٻاهر وڃي سگهي.01

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں