نوازشريف جي سزا ۽ ڏنڊ جو فيصلو برقرار آهي، حڪومتي موقف کي عدالت رد ناهي ڪيو: اٽارني جنرل

0Shares

اسلام آباد  (بيورو) وفاقي سرڪار چيو آهي ته حڪومتي موقف کي عدالت رد ناهي ڪيو. نوازشريف سزا يافته آهي ان تي 7 ارب جو ڏنڊ پيو، نوازشريف جي سزا ۽  ڏنڊ جو فيصلو برقرار آهي. اسلام آباد ۾ سڌ سماءُ واري صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ ۽ اٽارني جنرل انور منصور خان پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته نوازشريف جي ڏنڊ وارو فيصلو برقرار آهي. نوازشريف هڪ ڪيس ۾ 7 ارب رپين جو ڏنڊ پيو آهي اٽارني جنرل چيو تهنوازشريف موقف اختيار ڪيو ته ڪو به بانڊ نه ڏيندو. جيڪڏهن بانڊ نه ڏيندو ته  عدالت پاڻ فيصلو ڪندي. نوازشريف کي انساني همدردي جي بنياد تي ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏني وئي. نيب قانون ۾ واضح سزا کي معطل ۽ ضمانت نٿي ڏئي سگهجي. عدالت 4 هفتن لاءِ اجازت ڏني آهي ۽ 5 سوال رکي ڇڏيا آهن. عدالت اڃان تائين شوئرٽي بانڊ تي فيصلو ناهي ڏنو. مطلب ته جنوري ۾ فيصلو ڪيو ويندو. حڪومتي موقف کي عدالت رد ناهي ڪيو. اهو ڪيس ميرٽ تي ڊسائيڊ ناهي ٿيو قانون ۾ امير ۽ غريب جو معيار هڪ هجڻ گهرجي. کوڙ سارا قيدي جيلن ۾ بيمار آهن. نوازشريف اڳ ۾ به حلف ٽوڙيندو رهيوآهي.  ان موقعي تي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته اسان جو پهرينڏينهن کان موقف هو ته اهو انساني ۽ قانوني مسئلو آهي. وزيراظم وڏي ۽ کليل دل جو مظاهرو ڪندي ميڊيڪل رپورٽ ٺاهڻ جي هدايت ڪئي. بدقسمتي سان حڪومت جي نيتن تي شڪ ڪيو ويو. حڪومت نوازشريف کي علاجلاءِ هر ممڪن سهولتون ڏنيون. هن چيو ته بانڊ شريف خاندان جو گذريل رڪارڊ سامهون رکي گهريا ويا. افسوس ته شوئرٽي بانڊ تي واويلا ڪيو ويو. افسوس وزيراعظم جي فيصلي کي شڪ جي نگاھ سان ڏٺو ويو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں