نوازشريف جي علاج لاءِحڪومت جي پيدا ڪيل آخري رنڊڪ به ختم ٿي وئي: شهبازشريف

0Shares

لاهور (بيورو): پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر شهباز شريف جو چوڻ هو ته لاهور هاءِ ڪورٽ نواز شريف کي علاج جي غرض سان پاڪستان کان وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.لاهور هاءِ ڪورٽ جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائينديشهباز شريف چيو ته عدالت اربين رپين جي اينڊمنٽي بانڊ جي حڪومت شرط کي نامنظور ڪندي نواز شريف کي فوري طور ٻاهرين ملڪ وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. هن چيو ته عوام جي دعائن رنگ لاتو ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ نواز شريف کي انساني حقن جي بنياد تي ٻاهرين ملڪ وڃڻ جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو ٻڌايو آهي. هن چيو ته سڄي قوم جو دل جي گهرائين سان شڪرگذار آهيان، جنهن نواز شريف جي لاءِ دعائون گهريون. شهباز شريف جو چيو ته نواز شريف جي علاج ۽ بيماري جي تشخيص جيڪا فوري طور تي ٿيڻ گهربي هئي، ان ۾ حڪومت جي پيدا ڪيل آخري رڪاوٽ به ختم ٿي وئي آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں