فواد حسن فواد جي گرفتاري هڪ طرفي ڪارروائي آهي: راڻا ثناءَ الله

0Shares

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن اڳواڻ راڻا ثناءَ الله چيو آهي ته فواد حسن فواد جي گرفتاري انتقامي ڪارروائي آهي،ملڪ کي ڪو به فائدو نه ٿيندو. فواد حسن فواد جي گرفتاري تي رد عمل ظاهر ڪندي راڻا ثناءَ الله چيو ته آشيانه هائوسنگ اسڪيم اسڪينڊل ۾ ڪجهه ناهي، اها رڳو من گهڙت ڪهاڻي آهي،جنهن جو ڪو به تڪ ئي ناهي، فواد حسن فواد جي گرفتاري نيب طرفان هڪ طرفي ۽ انتقامي ڪارروائي آهي. هن چيو ته احد چيما جي گرفتاري تي به عمران خان چيو هو ته طوطو پڪڙيو ويو آهي، هاڻي اهو ڳالهائيندو، اهڙي قسم جون حرڪتون ڪنهن جي به حق ۾ نه آهن، عام چونڊن کي تڪراري نه ڪيو وڃي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں