مٺي (ڊ ر) ٿرپارڪر ۾ برساتن دوران کنوڻ ڪرڻ جي واقعن ۾ ٿيل نقصان جو ڪاٿو لڳائڻ لاء وزيراعليٰ سنڌ پاران قائم ڪيل ڪاميٽي ٿرپارڪر پهچي متاثرين سان تعزيت ڪئي ۽ تفصيل معلوم ڪيا ڪاميٽي جي ميمبرن صوبائي وزير روينيو ۽ رليف مخدوم محبوب الزمان،صوبائي وزیر ثقافت و سیاحت سید سردار شاھ,صوبائي وزير لائيو اسٽاڪ عبدالباري پتافي،وزير بحالي فراز ڏيرو،ايم پي اي قاسم سومرو ٿر جي چونڊيل نمائندن ايم اين اي ڊاڪٽر مھيش ملاڻي،ايم پي اي فقير شيرمحمد بلالاڻي،ضلع چيئرمين ڊاڪٽر غلام حيدر سميجو سان گڏجي ڳوٺ موڙاسيو،اوڏاڻي ۽ ٻين ڳوٺن ۾ فوت ٿي ويلن جي وارثن سان تعزيتون ڪيون . جنهن بعد مٺي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي وزير روينيو ۽ رليف مخدوم محبوب الزمان چيو ته ٿرپارڪر ۾ کنوڻ ڪرڻ سبب جيڪو نقصان ۽ فوتگيون ٿيون آھن انهن تي تمام گهڻو ڏک پهتو آھي چيئرمين بلاول ڀٽو ۽ وزيراعلي جي هدايتن تي اسان هتي پهتا آھيون ڊي سي پاران گڏ ڪيل تفصيلن جي رپورٽ ورتي آھي جيڪڏھن انگ اکرن ۾ ڪا ڪوتاهي ٿي آھي يا ڪا انگن ۾ ڪوتاهي ٿي آھي ته انهي تي به نظرثاني ڪئي ويندي انهن ماڻھن کي ڪنهن به ريت اڪيلو نه ڇڏيو ويندو رليف ڪمشنر کي به چيو آھي ته جنهن علائقن ۾ نقصان ٿيو آھي انهي تي رپورٽ ٺاهي انهي کي آفت سٽيل قرار ڏي ته جيئن سمورا کاتا گڏجي ڪري انهن ماڻھن لاءِ مدد ڪري سگهنهن چيو ته ڊي سي کي چيو آھي ته ٿيل مقصان سروي ڪرائي هڪ جامع رپورٽ تيار ڪري سنڌ حڪومت پنهنجي وس آھر هر مدد ڪندي ۽ رليف کاتي پاران ڪليمٽي ائڪٽ تحت مدد ڪئي ويندي سنڌ حڪومت وٽ ھن وقت محدود فنڊ آھن وفاق فنڊ جاري نه پيو ڪري ٿر ۾ پيپلزپارٽي تمام گهڻو ڪم ڪيو آھي وفاق پاران سنڌ لاءِ ڪيل اعلانن تي ڪٿي عمل نظر نٿو اچي. اسان ماڻھن جي خدمت لاءِ سياست ڪيون ٿا پيپلزپارٽي سدائين عوام لاءِ ڪم ڪيو آھي هي دور مسلم ليگ ق وارو دور ناهي هتي ماڻھن جي وارثي ٿيندي. هن چيو ته ڪڻڪ جي رڪاوٽ ۾ رليف ۽ روينيو کاتو رڪاوٽ ناهي جڏھن فوڊ کاتو اسان کي ڪڻڪ فراهم ڪندو تڏھن انهي کي ورهائينداسين. ٿرپارڪر جي سمورن مسئلن جي حل لاءِ صوبائي حڪومت سنجيده آھي صحت متعلق سهوليتن لاءِ صوبائي حڪومت سان ڳالهايو ويندو. صوبائي وزير سياحت و ثقافت سيد سردار شاهه چيو ته پوري دنيا ۾ موسمياتي تبديليون پيدا ٿيون آھن سائنسي طور ايڊوانس ملڪ جاپان به سونامي کي روڪي نه سگهيو ٿر ۾ تازو بي موسمياتي برسات هئي اسان ماڻھن کان ٻڌو آھي ته اهڙي برسات ڪڏھن به ناهي ڏٺي. هي قدرتي آفتون آھن جنهن کي ڪير به روڪي نٿو سگهي قدرت سڀني تي غالب هوندي آھي جنهن کان ڪير به ڏاڍو ناهي. اسان هتي ماڻھن وٽ تعزيت ڪرڻ آياسين هتي جيڪي نقصان ٿيو آھي اسان سفارشون اڳتي ڏينداسين رليف منسٽر اها سفارش سي ايم کي ڏيندو اسان جي ڪوشش ھوندي ته ڪو سٺو ۽ فائدو ڏيندڙ رليف پئڪيج ڏنو وڃي.هن وفاق صوبي جا فنڊ بند ڪري ڇڏيا آھن ايتري قدر جو ملازمن جا پگهار ڪرڻ لاء به صوبي کي پريشاني آھي هتان شاهه محمود قريشي هڪ لک ووٽ ورتا آھن انهن کان به سوال ڪرڻ گهرجي وفاق اڃان تائين هتان جي ماڻھن جي لاءِ ڪجهه ناهي ڪيو ماڪڙن جي حملي دوران وفاقي لوڪيسٽ کاتي ڪجهه به نه ڪيو آھي. صوبائي وزير لائيو اسٽاڪ عبدالباري پتافي چيو ته هن وقت اسان ٻه طرح جو رپورٽون گڏ ڪيون هڪ روينيو کان ۽ ٻيو پنهنجي کاتي کان انهي جي حساب سان وڌيڪ ڪم ڪيو ويندو هتي اسان پي پي آر وئڪسين ڪئي آھي سنڌ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اهڙي وئڪسين ڪئي پئي وڃي اسان هتي ڪئمپون پڻ لڳايون آھن. صوبائي وزير بحالي فراز ڏيرو چيو ته سنڌ حڪومت ٿر واسين سان هر مشڪل ۾ گڏ آھي انهن جي هر ممڪن مدد ڪئي ويندي بحالي کاتي پاران پي ڊي ايم اي کي هدايتون جاري ڪندي ٽئنٽ ورهايا آھن ٻي جنهن به شيءِ جي ضرورت هوندي فراهم ڪئي ويندي ايڊيشنل رليف ڪمشنر شڪيل احمد ابڙو ٻڌايو ته ڪليمٽي ايڪٽ 1958 جو جوڙيل آهي ان ۾ وڌيڪ ترميم جي ضرورت آهي ٿرپارڪر ۾ پيش ايندڙ واقعي جي سروي جو ڪم هلندڙ آهي ۽ جلد سروي جو ڪم مڪمل ڪري وڌ ۾ وڌ متاثرين جي مدد ڪئي ويندي. انهي موقعي ڪاميٽي ميمبر ايم پي اي قاسم سومرو،ايم اين اي ڊاڪٽر مھيش ڪمار ملاڻي،ايم پي اي فقير شيرمحمد بلالاڻي،ڪمشنر ميرپورخاص،ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر شھزاد ٿهيم،سردار خان کوسو ۽ ٻيا لاڳاپيلن آفيسر ۽ پيلزپارٽي اڳواڻ ساڻن گڏ موجود هئا.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟