ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نيب آرڊينيننس جي ترميم جنهن تحت هڪ ڏوهاري جنهن 50 ملين رپين تائين گهوٻيون ڪيون آهن کي جيل ۾ سي ڪلاس جي سهولت ڏني وڃي کي چيلنج ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت، صوبائي حڪومت جي حدن ۾ مداخلت ڪري رهي آهي ۽ هن چيو ته وفاقي حڪومت جي قومي احتساب آرڊينيننس 1999 ۾ ترميم موجب 50 ملين رپين تائين گهوٻين/غبن ڪندڙ ڏوهاري کي جيل ۾ سي ڪلاس جي سهولت ڏني ويندي. هن چيو ته اهو خصوصي جيل مينوئل جو معاملو آهي ۽ وفاقي حڪومت اهڙي طرح جي ترميم ڪرڻ جي مجاز نه آهي ان ڪري صوبائي حڪومت ان کي عدالت ۾ چيلنج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن اها ڳالهه بارادري ۾ ڪراچي واٽر بورڊ کي 20 سڪش ۽ هائي پريشر جيٽنگ مشينن سپرد ڪرڻ واري تقريب کانپوءِ ڳالهائيندي ڪئي. هن چيو ته وفاقي حڪومت آرڊينيننس ۾ قلم 10 شامل ڪئي آهي جنهن تحت ڄاڻايل ڏوهاري جنهن 50 ملين رپين تائين گهوٻي ڪئي آهي ان کي جيل ۾ سي ڪلاس جي سهولت ڏني ويندي. هڪ سوال جي جواب ۾ مراد علي شاهه چيو ته وفاقي حڪومت ڪيترائي ڀيرا ورجائي چڪي آهي ته 18هين آئيني ترميم ڪو آسماني صحيفو نه آهي جو ان ۾ ترميم نه ٿي سگهي. آئون انهن کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته اوهان ضرور ترميم ڪري سگهو ٿا پر اها ترميم صوبن کي وڌيڪ اختيار ڏيڻ لاءِ ٿي سگهي ٿي پر اوهان (وفاقي حڪومت) کي اها ترميم ختم ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت تي اهو الزام آهي ته هو ڪي فور جي الائنمنٽ ۾ تبديلي ڪري رهي آهي پر اهو ثابت ٿي چڪو آهي ته صوبائي حڪومت الائنمنٽ بابت ڪا ڇيڙڇاڙ نه ڪئي آهي. منصوبو ضرور مڪمل ٿيندو جنهن لاءِ آئون سخت محنت ڪري رهيو آهيان. هن چيو ته ايس-ٿري منصوبو به مڪمل ٿيندو. مراد علي شاهه چيو ته صوبائي حڪومت ڪي فور تي ايف ڊبليو او جيڪو هڪ سٺي ساک رکندڙ ادارو آهي سان گڏ ڪم ڪري رهي آهي ۽ گهڻو جلد اتي ڪم شروع ٿي ويندو. مراد علي شاهه ڄامشورو-سيوهڻ ٻه سانگي منصوبي جي مثال ڏيندي چيو ته کيس حڪومت پنهنجي حصي جا ست ارب رپيا اڳ ئي وفاقي حڪومت کي ڏئي چڪي آهي تنهن هوندي به روڊ کي ٻٽو ڪرڻ وارو ڪم تمام سست رفتاري سان ٿي رهيو آهي. هن چيو ته اهو ته وفاقي حڪومت جو رويو آهي. هن ياد ڏياريندي چيو ته هن (وزيراعظم عمران خان) 162 ارب رپين واري پيڪيج جو اعلان ڪيو هو حالانڪه آئون ان پروگرام ۾ نه هوس پر مونکي اها ڄاڻ ملندي خوشي ٿي ته منهنجي شهر کي هڪ سٺو ترقياتي پيڪيج ملي رهيو آهي پر اهو اعلان رڳو اعلان جي حد تائين ئي محدود رهيو ۽ ان حوالي سان هينئر تائين ڪابه اڳڀرائي نه ٿي سگهي آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت ملڪ جي معيشت کي تباهه ڪري رهي آهي. هن چيو ته غريب ماڻهو پيٽ ڀري کاڌو به نٿا کائي سگهن. ڀاڄين جي ملهه ۾ تمام گهڻو اضافو ٿي چڪو آهي ۽ هي (ناڻي بابت وفاقي صلاحڪار ) چوي پيو ته ڀاڄين واري مارڪيٽ ۾ ٽماٽا 17 رپيا ڪلو آهي جيڪا هڪ حيران ڪندڙ ڳالهه آهي. گورنر سنڌ بابت پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هو سنڌ ۾ رهي ٿو جيڪا هڪ سٺي ڳالهه آهي. هو گورنر هائوس آهي ۽ گورنر کي اتي رهڻ جو مڪمل اختيار حاصل آهي. هن چيو ته جيتري تائين گورنر هائوس جون ڀتون ڪرائڻ جو سوال آهي ته کيس حڪومت ان لاءِ هرگز اجازت نه ڏيندي. وڏي وزير آئين جي آرٽيڪل 105 جو حوالو ڏيندي چيو ته گورنر وڏي وزير جي ايڊوائيز تي ڪم ڪرڻ جو پابند آهي. اهو تمام آسان آهي ۽ ان ۾ ڪوبه فرق نه آهي جيڪڏهن هر هڪ پنهنجي آئيني ڪردار کي فالو ڪري. ان کان پهرين وڏي وزير سيد مراد علي شاهه 20 مشينون-مائونٽيڊ وهيڪلز سميت 10 سڪشن ۽ 10 هاءِ پريشر جيٽنگ مشينن سپرد ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته کيس حڪومت شهر ۾ پاڻي ۽ نيڪال واري نظام کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته ڄاڻايل 20 گاڏين جي خريداري تي 900 ملين رپين جي لاڳت آئي ۽ وڌيڪ 37 پراڻي سڪشن ۽ جيٽنگ مشينن جي اوررهالنگ ڪئي وئي آهي. مرمت هيٺ مشينري/گاڏيون جون 2020 تائين تيار ٿي وينديون. هن چيو ته هڪ نئون پمپنگ اسٽيشن جيڪو 1.63 بلين روپئي جي لاڳت سان تقريبا مڪمل ٿي چڪو آهي جنهن مان شهر کي 100ملين گيلن پاڻي ملندو ۽ ڊسمبر 2019 ۾ ان جو افتتاح ٿيندو. هن چيو ته 50 سالن واري پراڻي ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن کي اپگريڊ ڪيو پيو وڃي. پراڻي مشينري جي مرمت ۽ مخلف مرحلن ۾ اوورهالنگ ٿي رهي آهي جنهن تي 1.23 بلين رپين جي لاڳت ايندي. مراد علي شاهه چيو ته 24 انچ قطر جي پائيپ لائين حبيب بينڪ وٽان وڇائي رهيا آهيون ته جيئن بلديه کي پاڻي فراهم ڪري سگهجي. اها اسڪيم 400 ملين رپين جي لاڳت سان تقريبا مڪمل ٿي چڪي آهي. هن چيو ته هڪ ٻي اسڪيم جنهن تحت شهر ۾ پاڻي ۽ نيڪال واري نظام کي بهتر بڻايو ويندو 200 ملين روپئي جي لاڳت سان شروع ڪئي وئي آهي ۽ ان اسڪيم جو 60 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي. لياري کي پاڻي جي فراهمي بابت ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته هڪ 23 انچ قطر جي لائين سنڌي هوٽل کان ٻڪره پيڙهي تائين وڇائي رهياآهيون جنهن تي 717 ملين رپيا لاڳت ايندي. جنهن تي هن چيو ته ان اسڪيم جي مڪمل ٿيڻ سان لياري جي علائقي ۾ پاڻي جو مسئلو حل ٿي ويندو. وڏي وزير چيو ته 300 ملين رپين جي هڪ ٻي اسڪيم جي منظوري ڏني وئي آهي جنهن تحت ڊي ايڇ اي ۽ قيوم آباد جي رهائشين کي پاني ملي سگهندو ان اسڪيم تي ايندڙ ٽن مهينن اندر ڪم شروع ٿي ويندو. مراد علي شاهه چيو ته 90 ميلن رپين جي هڪ اسڪيم يعني ڪراچي جي هر ضلع لاءِ 15 ملين رپين جي منظوري ڏني وئي آهي جنهن تحت شهر ۾ پاڻي ۽ نيڪال وارن مسئلن کي بهتر بڻايو ويندو. هن چيو ته ان منصوبي تي ڊسمبر 2019 جي آخر تائين ڪم شروع ٿي ويندو. وڏي وزير چيو ته محمود آباد، چنيسر ڳوٺ ۽ اعظم بستي وارن علائقن ۾ پاڻي جي فراهمي جي هڪ اسڪيم 95 ملين رپين جي لاڳت سان شروع ڪئي وئي آهي جنهن جو 90 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي. وڏي وزير پنهنجي تقرير جي آخر ۾ چيو ته شهر ۾ پاڻي ۽ صفائي جي شعبي ۾ ٿيندڙ مجموعي سيڙپڪاري ڪارڻ شهر جي صورتحال مسلسل بهتر ٿيندي. صوبائي وزير بلديات سيد ناصر حسين شاهه، ايم ڊي واٽر بورڊ اسد الله خان به ان موقعي تي خطاب ڪيو. وڏي وزير گاڏين جون چاٻيون ايم ڊي واٽر بورڊ جي حوالي ڪيون.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟