اسلام آباد(بيورو) حڪومت نواز شريف کي 4 هفتن جي لاءِ پرڏيهه وڃڻ جي مشروط اجازت ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو. ڪابينا جي ذيلي ڪميٽي اجلاس کان پوءِ قانون واري وزير بيرسٽر فروغ نسيم اسلام آباد ۾ شهبزاد اڪبر سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته نواز شريف کي رڳو هڪ ڀيري جي لاءِ پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏني وئي آهي. هن چيو ته ڪابينا فيصلو ڪيو آهي ته نواز شريف يا شهباز شريف کي 7 ارب رپين جا انڊيمنٽي بانڊ جمع ڪرائڻا پوندا. چيو ته اڄ وفاقي حڪومت ڪنهن به وقت اجازت نامو جاري ڪندي، باقي هنن جي مرضي. قانون واري وزير جو چوڻ هو ته گهرو وزارت وٽ هڪ درخواست ملي هئي جنهن سان نواز شريف جي صحت جي باري ۾ شريف ميڊيڪل سٽي جي تفصيلي رپورٽ به موجود هئي. هن چيو ته مليل رپورٽ تي پنجاب حڪومت جي جوڙل ميڊيڪل بورڊ ڪراس چيڪ ڪرڻ کان پوءِ هن جي رپورٽ سان اتفاق ڪيو ۽ وڌيڪ تفصيل طلب ڪئي. هن چيو ته 11 نومبر تي گهرو وزارت وٽ تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وئي هئي ۽ ان ئي ڏينهن نوٽيس جاري ڪيو ويو، 12 تاريخ تي ڪابينا کي بريفنگ ڏني ۽ هن کي سموري تفصيل کان آگاهه ڪيو. قانون واري وزير جو چوڻ هو ته ڪابينا ڪميٽي کي نواز شريف جي صحت جي معاملي تي برفنگ ڏيندي ٻڌايو ته نواز شريف جي پليٽيليٽس جو انگ 25 کان 30 هزار آهي ۽ هن کي هڪ ڀيرو اسٽروڪ به اچي چڪو آهي. هن چيو ته اسنا کي به خبر نه هئي ته صورتحال ايتري سنگين آهي جنهن کان پوءِ ڪابينا فيصلو ڪيو ته بانڊ جمع ڪرائڻ تي هن کي ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي. هن چيو ته 2010 جي ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ جي قانون ۽ 1981ع جي آرڊيننس ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪنهن به سزا يافته شخص کي اي سي ايل مان ان وقت تائين نٿو ڪڍي سگهجي جيستائين هن جي ڪا ضمانت نٿي ملي. هن چيو ته هڪ ڀيرو اجازت ڏيڻ اي سي ايل مان نالو ڪڍڻ ناهي هوندو ۽ وقت سان گڏ ڪجهه ماڻهن کي اجازت ڏني وندي آهي ۽ ڪميٽي کي حج ۽ ٻين موقعن تي اهڙيون درخواستون ملنديون رهنديون آهن. هن چيو ته نواز شريف جي طبعيت جيڪڏهن ٺيڪ نه ٿي ته قيام ۾ واڌ جي درخواست ڏئي سگهجي ٿي. بيرسٽر فروغ نسيم جو چُوڻ هو ته حڪومت وٽ ضمانتي بانڊ گهرڻ جو اختيار ناهي، ضمانت عدالت ڏيندي آهي پر 1981ع جي قانون جي سيڪشن 3 موجب جڏهن به اي سي ايل ۾ ڪنهن کي وڌو وڃي ته حڪومت وٽ ان جو اختيار هوندو آهي ۽ شهباز شريف جي درخوسات ۾ به اِهو چيو ويو هو. هن چيو ته ان کان اڳ 2007ع ۾ سزا يافته رئوف ڊي قادري کي به هڪ ڀيرو ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏني وئي هئي. هن چيو ته اسان جي دعا نواز شريف سان گڏ آهي ۽ هو جلد کان جلد صحتياب ٿي واپس اچي. هڪ سوال جو جواب ڏيندي هن چيو ته پرويز مشرف صاحب جڏهن ملڪ کان ٻاهر ويو هو ته هو سزا يافته نه هو. ان موقعي تي شهزاد اڪبر جو چوڻ هو ته ذيلي ڪميٽي جي فيصلي ۾ قانون جو خيال رکيو ويو آهي، نواز شريف جو نالو اي سي ايل مان نه پيو هٽايو وڃي.، سزا يافته ڏوهاري جو نالو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ مان نٿو ڪڍي سگهجي، هي رڳو هڪ ڀيري جي لاءِ آهي. هن چيو ته سڀاڻي عوام يا عدالتون به اسان کان سوال ڪري سگهن ٿيون ته سزا يافته ڏوهاري کي بنا ڪنهن خاطري جي توهان ڪيئن ٿا ٻاهر وڃڻ ڏيو، جنهن جي ڪري قانوني طريقي ڪار اختيار ڪندي خاطري اسان طلب ڪئي آهي. ان کان اڳ اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جو نالو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ (اي سي ايل) مان خارج ڪرڻ بابت تجويزون مرتب ڪرڻ جي لاءِ وفاقي ڪابينا ذيلي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس جي سربراهي قانون واري وزير فروغ نسيم ڪئي جڏهن ته وزير اعظم جي احتساب بابت خاص مددگار شهزاد اڪبر ۽ گهرو سيڪريٽري به شرڪت ڪئي. اجلاس کان اڳ صحافين سان ڳالهائيندي فروغ نسيم ٻڌايو ته نواز شريف جي راونگي جي حوالي سان تجويزن تي ٻڌل حڪم فوري طور تي مرتب ڪرڻ کان پوءِ ڪابينا جي سامهون پيش ڪيو. هن چيو ته اسان جو حڪم ڪنهن جي خواهش تي ٻڌل ناهي پر درست حقيقتن ۽ ميرٽ تي فيصلو ڪيو ويندو جنهن جو اعلان پريس ڪانفرنس ۾ ڪيو ويندو. هن ٻڌايو ته ان معاملي ۾ جيڪي به حقيقيت ۽ ميرٽ آهي ان جي بنياد تي فيصلو ڪيو ويندو. اِها ڳالهه نظر ۾ رهي ته ان کان اڳ ذيلي ڪميٽي جو اجلاس اربع جي صبح 10 وڳي مقرر ڪيو ويو هو. ڪميٽي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ پنجانب جي صحت واري سيڪريٽري نواز شريف جو علا ج ڪندڙ ميڊيڪل بورڊ جي سربراهه ۽ سروسز اسپتال جي پرنسپل ڊاڪٽر محمود اياز سان گڏ پهتا هئا جنهن کان پوءِ هنن ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته اجلاس ناهي ٿي رهيو. ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر اياز چيو ته هن کي اجلاس جي حوالي سان ڪا مس ڪميونيڪيشن ٿي آهي پر ان بابت مون ڪو به باضابطا نوٽيفڪيشن يا بيان جاري ناهي ڪيو. ٻئي طرف گهرو وزارت نواز شريف جو نالو 4 هفتن لاءِ اي سي ايل مان ڪڍي ڇڏيو گهرو وزارت پاران اهڙو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو نواز کي 7 ارب جا سيڪيورٽي بانڊ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟