ن ليگ نواز شريف کي مشروط اجازت ڏيڻ جو حڪومتي فيصلو رد ڪري ڇڏيو، اڄ اجلاس طلب

0Shares

اسلام آباد(بيورو) مسلم ليگ ن نواز شريف جي پرڏيهه علاج واري شرط جو حڪومتي فيصلو رد ڪري ڇڏيو. قانون واري وفاقي وزير ۽ وزير اعظم جي احتساب بابت خاص مددگار جي پريس ڪانفرنس تي رد عمل ڏيندي مسلم ليگ ن جي ترجمان مريماورنگزيب چيو ته نواز شريف جو نالو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ مان ڪڍڻ کي مشروط ڪرڻ جو حڪومتي فيصلو عمران خان جي متعصباڻي رويي ۽ سياسي انتقام تي ٻڌل آهي جنهن کي اسان رد ڪيون ٿا. هن چيو ته نواز شريف جي عدالت کان ضمانت جي وقت سمورا آئيني ۽ قانوني تقاضا پورا ۽ ضمانت مچلڪا به جمع ڪرايا ويا آهن ان ڪري هن جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ کي مشروط ڪرڻ حڪومت جو قبول نه ڪرڻ جو فيصلو آهي ۽ عدالت جي مٿان حڪومتي عدالت نٿي لڳي سگهي. مريم اورنگزيب جو چوڻ هو ته نواز شريف جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ کي مشروط ڪرڻ جو پاڪستان جي تاريخ ۾ مثال نٿو ملي، سيڪيورٽي بانڊ جمع ڪرائڻ جي حوالي سان پاڪستان مسلم ليگ ن پنهنجو واضح موقف پيش ڪري چڪي آهي ۽ سيڪيورٽي بانڊ جمع ڪرائڻ جو حڪومتي فيصلو منظور ناهي ٿيو. سندس چوڻ هو ته هڪ پاسي حڪومت نواز شريف جي صحت جي سنگيني جو اعتراف ڪري رهي آهي ۽ ٻئي پاسي انتهائي رياڪاري ۽ بدنيتي سان هن جي پرڏيهه مان فوري علاج ۾ رنڊڪون بيهاريون پيون وڃن، پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ سياسي محاسبت ۾ ڪڏهن به ڪنهن جي زندگي سان ائين ناهي کيڏيو وي جڏهن ته نواز شريف جي علاج ۾ هر لمحو انتهائي قيمتي آهي ۽ ان ۾ دير وارن حرٻن کي نظر ڪرڻ بدترين ظلم ۽ زيادتي آهي. ٻئي پاسي مسلم ليگ ن جي صدر ۽ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف پارٽي جي سينيئر قيادت جو اهم اجلاس اڄ طلب ڪري ورتو. اجلاس ۾ نواز شريف جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جي لاءِ حڪومتي فيصلي کان پوءِ جي حڪمت عملي تي سينيئر قيادت کي اعتماد ۾ ورتو ويندو. اجلاس کان پوءِ شهباز شريف سڀاڻي منجهد 3 وڳي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں