حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ڳالهيون بنا نتيجي ختم، وزيراعظم جي استعيفيٰ واري معاملي تي ڊيڊ لاڪ برقرار

0Shares

 اسلام آباد (بيورو) حڪومت ۽ اپوزيشن جي ڪميٽيز ۾ ڳالهيون بنا نتيجي ختم ٿي ويون، ٻنهي پاسن طرفان پنهنجي پنهنجي موقف تي قائم رهڻ سبب ڊيڊلاڪ برقرار. وفاقي وزير پرويز خٽڪ جي سربراهيءَ ۾ حڪومت جي ڊائلاگ ڪميٽي ۽ اڪرم دُراني جي اڳواڻيءَ ۾ اپوزيشن جي رهبر ڪميٽي ۾ ڳالهيون ٿيون. جنهن دوران حڪومت طرفان شفقت محمود، پرويز الاهي، قومي اسيمبلي جو اسپيڪر اسد قيصر ۽ ٻيا موجود هئا، جڏهن ته اپوزيشن طرفان فرحت الله بابر، احسن اقبال، ميان افتخار ۽ ٻين جماعتن جي نمائندن شرڪت ڪئي. حڪومت ۽ اپوزيشن جي ڪميٽيز وچ ۾ ڪيتري ئي دير تائين ڳالهيون جاري رهيون، تنهن هوندي به بنا نتيجي ختم ٿي ويون ۽ ڊيڊلاڪ ختم نه ٿي سگهيو. ڳالهين دوران اپوزيشن طرفان هڪ ڀيرو ٻيهر وزيراعظم جي استعيفيٰ، ملڪ ۾ نئين سر چونڊون ڪرائڻ ۽ فوج جي چونڊن ۾ مداخلت نه ٿيڻ وارا مطالبا ورجايا ويا. ڳالهين کانپوءِ حڪومت ۽ اپوزيشن جي ڪميٽيز ميڊيا سان گڏيل ڳالهيون ڪيون. اپوزيشن جي رهبر ڪميٽي جي ڪنوينر ۽ جي يو آءِ ف اڳواڻ اڪرم دُراني چيو ته اپوزيشن پنهجن مطالبن تي قائم آهي ۽ حڪومتي ڪميٽي سان ڳالهين دوران ساڳيا مطالبا رکيا. اپوزيشن طرفان گڏيل طور موقف ۽ مطالبا پيش ڪيا ويا، حڪومت وچون رستو ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. اُن موقعي تي ڳالهائيندي حڪومت ڪميٽي جي سربراهه وفاقي وزير پرويز خٽڪ چيو ته اپوزيشن جي ڪميٽي سان سٺي ماحول ۾ ڳالهيون ٿيون، جنهن دوران خراب ۽ سٺيون ڳالهيون به ڪيون ويون، اڃا تائين ساڳي پوزيشن آهي ۽ ٻئي ڌريون پنهنجي پنهنجي موقف تي قائم آهن. حڪومت وچون رستو ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ته جيئن اپوزيشن جي به عزت رهي ۽ حڪومت جو به خيال رکيو وڃي. هڪ سوال جي جواب ۾ پرويز خٽڪ اعتراف ڪيو ته ڊيڊلاڪ برقرار آهي ۽ ڳالهين جا دور جاري رهندا. ٻئي طرف وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته استعيفيٰ کان علاوه سمورا جائز مطالبا مڃڻ لاءِ تيار آهيون. رپورٽ موجب بچاءُ واري وزير پرويز خٽڪ جي اڳواڻي ۾ حڪومتي ڳالهين واري ڪميٽي وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي پرويز خٽڪ ۽ چوڌري پرويز الاهي اپوزيشن جي مطالبن بابت وزيراعظم کي بريفنگ ڏني. اجلاس جي دوران آزادي مارچ بابت حڪومتي حڪمت عملي طئي ڪئي وئي. ملاقات جي دوران وزيراعظم چيو ته حڪومتي ڪميٽي مڪمل طور تي بااختيار آهي. اپوزيشن سنجيده ڳالهيون چاهي ٿي ته مثبت جواب ڏنو ويندو. استعيفيٰ کان علاوه سمورا جائز مطالبا مڃڻ لاءِ تيار آهيون.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں