فضل الرحمان پنهنجا مسئلا پيو ٻڌائي، عام ماڻهن جو مسئلو مهانگائي آهي: عمران خان

0Shares

اسلام آباد (م ڊ) وفاقي ڪابينا نيشنل موٽر وهيڪل پاليسي جي منظوري ڏئي ڇڏي.  تفصيل موجب وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ 11 نقاطي ايجنڊا تي پڻ غور ڪيو ويو. ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان چيو ته فضل الرحمان پنهنجا مسئلا پيو ٻڌائي، عام ماڻهن جو مسئلو مهانگائي  آهي.هن چيو ته ڪرپٽ مافيا ملڪ ۾ افراتفري ۽ غيريقيني پکيڙڻ چاهي ٿي، حڪومتي پاليسي سان ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 32 سيڪڙو گهٽيو آهي. مهانگائي تي ضابطو آڻڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، وزير مهانگائي خلاف مسئلا ٻڌن، ايندڙ وقت ۾ مهانگائي گهٽ ٿيندي. وزيراعظم چيو ته مون پهرين چئي ڇڏيو هو ته ڪرپٽ مافيا روڊن تي نڪرندي اپوزيشن جو مقصد ڪرپشن جو تحفظ آهي، حڪومت جي ڪاميابي سان انهن جا سياسي دڪان بند ٿي ويندا. جڏهن ته وفاقي ڪابينا نيشنل موٽر وهيڪل پاليسي جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪابينا اجلاس ۾ سيد علي جاويد همداني کي نيشنل پاور پارڪ مئنجمينٽ ڪميٽي چيف  ايگزيڪيوٽو ۽ ميجر جنرل عامر مجيد کي ڊي جي رينجرز پنجاب مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. هوڏانهن وزيراعظم جي خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته ڪابينا پاران اي سي سي ۽ ڪابينا جي قانون سازي سان متعلق خصوصي ڪميٽي جي فيصلن جي منظوري ڏني آهي. ڪابينا پاران ڪرتاپور راهداري ۽ ان متعلق فيصلن جي به توثيق ڪئي آهي. هن چيو ته وفاقي ترقياتي ادارن جي تنظيم نو ۽ سي ڊي اي جي تنظيم نو جي به منظوري ڏني وئي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں