اسلام آباد (بيورو) جي يو آءِ (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اسان خطرناڪ ماڻهو ناهيون پر خطرو روڪڻ وارا آهيون، اسان کي نه چيڙايو نه ته توهان کي شڪست ڏئي ڇڏينداسين. آزادي مارچ کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان/ چيو ته اڄ ڊي چوڪ وڃڻ تي اعتراض ڪيو پيو وڃي، 2014 ۾ ڊي چوڪ تي 126 ڏينهن ڌرڻي تي اعتراض ڇو نه ڪيو ويو؟ 126 ڏينهن ڌرڻي جي تصوير دنيا لاءِ دلڪش هئي پر ان جي بدبوءِ اڄ به محسوس ڪئي پئي وڃي، اسان جي آزادي مارچ عوام جي مايوسي کي اميد ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، هن مارچ سان اسرائيل ۽ ان جا ساٿي پريشان آهن. هن چيو ته اسان ڌانڌلي سٽيل چونڊن کي نٿا مڃون، ٻين کي چور چوڻ آسان هوندو آهي پر حقيقون نه ٿيون لڪائي سگهجن، اسان لاڪ ڊائون ناهي ڪيو، حڪومت ڪنٽينر رکي پاڻ لاڪ ڊائون ڪري ڇڏيو، حڪومت جي ناڪام پاليسين سبب اڄ لکين ماڻهو بي روزگار ٿي ويا آهن، بجلي جي اگهه ۾ وري ٻه رپيا واڌ ڪئي وئي آهي، گئس ۽ پيٽرول جون قيمتون به آسمان تي پهتل آهن، روزاني بنياد تي قرض وڌي رهيا آهن. سندس چوڻ هو ته موجوده حڪومت ڪشمير کپائي ڇڏيو ۽ ڳوڙها ڳاڙي رهي آهي، ملڪ اندر پنهنجا دشمن بڻجڻ سان ڪشمير ڪاز پوئتي هليو ويو، جيستائين ڪشمير ڪميٽي مون وٽ هئي، ڪو ماءُ جو پٽ ڪجهه نه بگاڙي سگهيو، اڄ پاڪستان ۾ اسرائيل کي تسليم ڪرڻ جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن، ڪيستائين حقيقتن کي لڪايو ويندو؟ فضل الرحمان چيو ته جنهن کي توهان احتساب چئي رهيا آهيو، ان کان هر شخص خوف محسوس ڪري رهيو آهي، نيب جي احتساب سبب ڪو بيورو ڪريٽ فائلن تي صحيح ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، هاڻ انتقام جي نالي تي احتساب جو ڊرامو وڌيڪ نه هلندو. جي يو آءِ (ف) سربراهه چيو ته اسان کي نه چيڙايو، جيڪڏهن اسان کي چيڙايو ويو ته 24 ڪلاڪن ۾ توهان کي شڪست ٿيندي، اسان جو موقف صاف آهي ته ڌانڌلي ذريعي آيل حڪومت کي نٿا مڃون، ڪنهن ڪميشن کي تسليم نٿا ڪيون ۽ ڪميشن ٺاهڻ جي هر تجويز رد ڪيون ٿا، ٻيهر چونڊن جي مطالبي تي قائم آهيون، ان ۾ ڪا تبديلي نٿي اچي سگهي، توهان جيتري جلدي فيصلو ڪيو، ايتري جلدي معاملا ٺيڪ ٿي ويندا.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟