سنڌ اسيمبلي ۾ ڪراچي مان گند ڪچرو کڻڻ لاءِ ٺهراءُ مظور

0Shares

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ اڱاري تي پرائيويٽ ميمبر ڊي جي موقعي تي خرم شير زمان جي ڪانگو وائرس جي التوا واري رٿ تي وڌيڪ غور سومر تائين ملتوي ڪيو ويو، سندس چوڻ هو ته سنڌ ۾ ڪانگو وائرس جا ڪيس وڌڻ تي سخت ڳڻتي آهي، ڪراچي ۾ ڪانگو جا 39 ڪيس ٿيا آهن، مڪيش ڪمار چاولا رٿ جي مخالفت ڪئي، خرم شير زمان چيو ته ٿورن ئي ڏينهن ۾ 10 ماڻهو فوت ٿيا آهن، ڊاڪٽر عذرا فضل چيو ته بلوچستان مان ايندڙ جانورن ۾ وائرس آهي، هن بيماري جا 31 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، ڪراچي ۾ 33 ڪيس ظاهر ٿيا آهن، هن چيو ته ڪانگو وائرس جو هڪ سبب عيدالاضحيٰ تي سڄي ملڪ مان جانورن جو اچڻ آهي، صحت جي وزير چيو ته ڪوس گهرن ۽ منڊي ۾ اسپري ٿئي ٿو پر ڪٿي ڪوتاهي سبب هي مرض وڌي ٿو، هن چيو ته فارمز هائوسز ۾ به اسپري ٿيڻ گهرجي، لائيو اسٽاڪ کاتي به ان جي خاتمي لاءِ اڳتي اچڻو پوندو، صوبائي وزير جي خاطري تي خرم شير زمان جي التوا واري رٿ تي وڌيڪ غور سومر تائين ملتوي ڪيو ويو، ڪراچي ۾ ڪچرو کڻڻ جي مستقل انتطامن بابت پي ٽي آءِ جي بلال غفار پاران ايوان ۾ هڪ ٺهراءُ پيش ڪيو، هن چيو ته ڪراچي ۾ گند جا ڍير آهن، 12 سالن کانپوءِ سنڌ حڪومت کي ڪچرو صاف ڪرڻ ياد آيو آهي، هن چيو ته مقامي انتظاميا ذريعي سنڌ حڪومت 30 ڪروڙ رپيا ڪچرو کڻڻ لاءِ ڏنا آهن، ان جو مطلب آهي ته سنڌ سالڊ ويسٽ مئنجمينٽ بورڊ ناڪام ٿي ويو آهي، هن چيو ته سالڊ ويسٽ مئنجمينٽ بورڊ پاران نه ته گند رکڻ جا ٽوڪرا ڏنا ويا آهن، نه ئي ڪچرو کنيو ويو، چائنيز ٺيڪيدارن 10 ڏينهن ڪچرو نه کنيو پڇا ڪئي ته چائنيز ٺيڪيدار کي رقم ادا ناهي ڪئي وئي، ان موقعي تي خرم شير زمان چيو ته ڪراچي ۾ گند جي پويان ڪرپشن لڪل آهي، گذريل 12 سالن گند کڻڻ جو ڪو نظام ناهي ٺهي سگهيو، هن چيو ته پ پ 40 ڀيرا به حڪومت ۾ اچي تڏهن به ڪراچي جو ڪچرو نه کڻي سگهندي، صوبائي وزير سعيد غني چيو ته ڪچري جو ملبو هٽائڻ سالڊ ويسٽ مئنجمنيٽ جو ڪم نه آهي، هن چيو ته هڪ تاثر آهي ته چائنيز ڪمپني در در تان ڪچرو کڻندي ۽ ائين آهي، هن چيو ته ڪمپني کي پيسا ان ڪم جا ملندا جيڪو ان ڪيو آهي، ڪم نه ٿيڻ تي ان جا بل روڪيا ويا ۽ ڪٽوتي ٿي، سندس چوڻ هو ته جيئن ڪم ڪرڻو هو تئين نه ٿي سگهيو، جنهن جا کوڙ سبب آهن، ڪجهه چائنيز ڪمپنيون ۽ عدالتي فيصلن جي ڪري ڪم رڪجي وڃي ٿو، هن چيو ته سي ايم پنهنجي مهم وقت بيڪ لاڪ ۽ ڪچري جي ملبي کي صاف ڪرايو جنهن کانپوءِ هي ٺهراءُ گڏيل طور تي منظور ڪيو ويو، سنڌ اسيمبلي جو اجلاس جمعي جي منجهند تائين ملتوي ڪيو ويو. ٻئي طرف سنڌ اسيمبلي جي ڪارروائي ۾ اڱاري تي  پ پ جي ميمبر رياض شاهه شيرازي پنهنجي هڪ پوائنٽ آف آرڊر تي ان ڳالهه جي سڃاڻپ ڪئي ته سنڌو درياءَ تي جيڪا بئراج اڏي پئي وڃي ان جي اڏاوت سمنڊ جي ڪناري کان 40 ڪلوميٽر پري ڪئي پئي وڃي، ان ڪري 40 ڪلوميٽر پري ڳوٺ تازي طوفان سبب پاڻي هيٺ اچي ويا هئا، اهي تڏهن به ٻڏي ويندا جڏهن بئراج ٺهندي، هن چيو ته سنڌ حڪومت ان منصوبي تي پنهنجو ڪردار ادا ڪري، بئراج سمنڊ جي ڪناري ٺهڻ گهرجي، هن چيو ته ان کان اڳ سمنڊ ۾ چاڙهه سبب لکين ايڪڙ زمين خراب ٿي چڪي آهي، ائين ٿيندو رهيو ته 2050 ۾ ٺٽو ضلعو ٻڏي ويندو، ان موقعي تي مير نادر مگسي به ان بئراج جي اڏاوت تي اعتراض ڪندي چيو ته ڇا سنڌ حڪومت هي بئراج ٺهڻ جي اجازت ڏني آهي، هن چيو ته سنڌ حڪومت کان سوال ڪرڻ گهرجي ته ان جي اجازت کانسواءِ هي منصوبو بنا ڪنسلٽ ڪيئن ٺهندو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں