رحيم يار خان لڳ تيز گام ايڪسپريس سان المناڪ سانحو، بوگين کي خوفناڪ باھ، 74 مسافر سڙي فوت، 40 کان وڌيڪ زخمي

0Shares

رحيم يار خان / ميرپورماٿيلو  (م ڊ+ رپورٽر) ڪراچي کان راولپنڊي ويندڙ تيز گام ايڪسپريس  ۾ پنجاب جي ضلعي رحيم يار خان جي ڀرسان گيس سلنڊر ڦاٽڻ سان باهه سبب 74 ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن ته 40 کان وڌيڪ مسافر زخمي ٿي پيا. بدقسمت  ٽرين سان حادثو صبح 6:15 منٽ تي پنجاب جي ضلعي رحيم يار خان جي تحصيل لياقت پور ۾ چني ڳوٺ جي ڀرسان چڪ نمبر 6 جي تانوري اسٽيشن تي پيش آيو. ان کان اڳ ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد هڪ ويڊيو پيغام جاري ڪندي 64 ڄڻن جي فوت ٿيڻ  جي تصديق ڪندي ٻڌايو هو ته فوت ٿيلن مان ڪنهن جي به سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي. ريسڪيو اهلڪارن موجب باهه جي شدت ڏاڍي گهڻي هئي جنهن تيزي سان بوگينکي پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي ڇڏيو. حادثي جي فوري بعد زخمين کي مقامي ماڻهن جي مدد سان ويجهي شيخ زيد اسپتال، بهاولپور وڪٽوريه اسپتال ۽ ملتان جي اٽالين برن يونٽ منتقل ڪيو جڏهن ته سڄي ضلعي جي ٻين اسپتالن ۾ به ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي. اختيارين چيو ته باهه ٽرين جي بوگي نمبر 3 ۾ موجود سلينڊر ڦاٽڻ سان لڳي جنهن تيزي سان وڌيڪ 3 بوگين کي پنهنجي وڪڙ هيٺ آڻي ڇڏيو. اختيارين جو اِهو به چوڻ هو ته متاثر بوگين ۾ سوار مسافر رائيونڊ اجتماع ۾ شرڪت جي لاءِ وڃي رهيا هئا ۽ باهه جي وڪڙ ۾ ايندڙ 2 بوگيون خاص طور تي بڪ ڪرايون ويون هيون. متاثره بوگين ۾ گهڻو ڪري مرد سوار هئا جنهن وٽ کائڻ پيئڻ جي لاءِ سلنڊر موجود هئا.  اکين ڏٺين شاهدن موجب سلنڊر ڦاٽڻ سبب ٽرين ۾ ڌماڪو ٿيو جنهن جو آواز ٻڌي ٻين مسافرن دهشتگردي سمجهي هلندڙ ريل مان ٽپو ڏنو. هلندڙ ٽرين مان ريلوي ڦاٽڪ جي ڀرسان پٿرن تي ٽپو ڏيڻ سبب گهڻا مسافر زخمي ٿيا جنهن ۾ 3 کان 4 عورتون به شامل آهن. حادثي کان پوءِ سڀ کان پهرين  مقامي ماڻهن فوري طور تي واقعي واري هنڌ پهچي پنهنجي مدد پاڻ جي تحت امدادي ڪارروائيون شروع ڪيون. هوڏانهن رحيم يار خان ۾ تيز گام ايڪسپريس ۾ خوفناڪ باهه تي پاڪ فوج جون امدادي ٽيمون به سول انتظاميا سان سهڪار ڪري رهيون آهن. پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر طرفان جاري بيان موجب واقعي واري هنڌ ريسڪيو ۽ ريليف فراهم ڪرڻ لاءِ سول انتظاميا جي سهڪار جي لاءِ پاڪ فوج جا جٿا، ڊاڪٽر ۽ طبي عملي کي روانو ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته سخت زخمين کي منتقل ڪرڻ جي لاءِ ملتان کان آرمي ايوي ايشن جو هيليڪاپٽر به روانو ڪيو ويو. ٻئي طرف ان ضمن ۾ ڊويزنل ڪمرشل آفيسر جنيد اسلم خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته متاثر ٿيل 2 بوگيون اڪانومي جڏهن ته هڪ بزنس ڪوچ هئي ۽ هڪ بوگي امير حسين جڏهن ته ٻئي جماعت جي نالي تي بڪ ڪرائي وئي هئي. هن چيو ته تبليغي جماعت جي لاءِ بوگيون ڪنهن هڪ شخص جي نالي تي بڪ  ڪرائي وينديون آهن ۽ باقي تفصيل ان جي امير وٽ هوندي آهي جنهن جي ڪري سمورن مسافرن جي سڃاڻپ فراهم نٿي ڪري سگهجي البت  هن اِهو ضرور ٻڌايو ته هڪ بوگي ۾ 78 جڏهن ته ٻي بوگي ۾ 77 ڄڻن جي لاءِ بڪنگ ڪرائي وئي هئي. هن ٻڌايو ته بزنس ڪلاڪ بوگي ۾ 54 ڄڻن جي بڪنگ ڪرائي وئي هئي جنهن ۾ مختلف ماڻهو سوار هئا. حادثي جي باري ۾ خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي ريلويز  جي چيئرمين سڪندر سلطان چيو  ته ٽرين ۾ سلنڊر ۽ گاسليٽ کڻي وڃڻ جي اجازت ناهي ۽ ان جي جاچ جو آغاز ڪيو ويو آهي ته ٽرين ۾ مسافر  سلنڊر کڻي ڪيئن سوار ٿيا.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں