جي يو آءِ جو آزادي مارچ اسلام آباد پهچي ويو، حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪنداسين: فضل الرحمان

0Shares

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) جي يو آءِ جو آزادي مارچ پنهنجي آخري منزل اسلام آباد پهچي ويو، 27 آڪٽوبر تي ڪراچي جي علائقي سهراب ڳوٺ مان نڪتل آزادي مارچ سنڌ ۽ پنجاب جي مختلف علائقن کان ٿيندو اسلام آباد پهچي ويو. چيو پيو وڃي ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڄ جلسي کي خطاب ڪندو، جڏهن ته مولانا فضل الرحمان اڄ خطاب ڪندو. اپوزيشن جي رهبر ڪميٽي ۽ حڪومت وچ ۾ معاهدو طئي ٿيو آهي ته آزادي مارچ دوران اسلام آباد جي ايڇ نائين گرائونڊ تي جلسو ڪيو ويندو. حڪومت پاران جاري ڪيل اين او سي موجب آزادي مارچ ۾ 18 سال کان گهٽ عمر وارا ٻار شرڪت نه ڪندا، مارچ ۾ شريڪ ماڻهو قومي ملڪيتن کي نقصان نه پهچائيندا ۽ نه ئي روڊ رستا بلاڪ ڪندا. ڪنهن به سياسي جماعت جا جهنڊا، پتلا نه ساڙيا ويندا، مذهب، نظرياتي ۽ رياست مخالف نعريبازي ۽ تقريرون نه ڪيون وينديون. ٻئي طرف جي امير مولانا فضل الرحمان جو چوڻ اهي ته اسلام آباد ۾ اسان جو جلسو به ٿيندو ۽ ڌرڻو به ٿيندو.گوجر خان ۾ عام جلسي کي خطاب ڪندي جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي امير مولانا فضل الرحمان چيو ته اسلام آباد ۾ اسان جو جلسو به ٿيندو ۽ ڌرڻو به ٿيندو. حڪمران ناجائز آهن ۽ اهو پيغام پوري دنيا تائين پهچائينداسين، جڏهن ته نواز شريف جي صحتيابي جي لاءِ دعاڳو آهيان.مولانا فضل الرحمان تيز گام ٽرين حادثي تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ متاثرين جي خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ٽرين حادثي ۾ فوت ٿيندڙن جي الله تعاليٰ مغفرت ڪري، ڏکايل خاندانن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون مولانا فضل الرحمان چيو ته حڪمران اسان تي زوري مڙهيا ويا اهن. ٽرين حادثي جي جاچ ڪئي وڃي ته حادثو آهي يا دهشتگردي، اسان جبر جي حڪومت کي تسليم نه ڪنداسين. حڪمرانن جي احتساب وارو  ڊرامو بند ٿيڻ وارو آهي. حڪومت کي گهر موڪلينداسين. ٻئي طرف بلاول ڀٽو ۽ شهبازشريف پڻ جلسي ۾ شرڪت ڪندا. ذريعن موجب بلاول ڀٽو ۽ شهبازسريف جلسي کي خطاب ڪندا. ٻئي طرف اسلام آباد ۾ آزادي مارچ جو جلسو ملتوي ٿيڻ واري دعويٰ سان اپوزيشن ۾ ڏار پئجي ويا. مولانا فضل الرحمان نواز ليگ اڳواڻن جي دعويٰ کي رد ڪندي چيو آهي ته جلسو ملتوي نه ڪيو آهي، اسان فيصلو ڪنداسين ته ڇا ڪرڻو آهي. احسن اقبال دعويٰ ڪئي آهي ته اپوزيشن اڳواڻن پاڻ ۾ رابطا ڪري گڏيل طور جلسو ملتوي ڪرڻ جو فيصل ڪيو آهي. نواز ليگ اڳواڻ جي دعويٰ نواز ليگ جي مرڪزي اڳواڻ احسن اقبال ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته رحيم يار خان سانحي کانپوءِ اپوزيشن قيادت جا پاڻ ۾ رابطا ٿيا، جنهن ۾ تيز گام سانحي تي افسوس جو اظهار ڪرڻ سان گڌ اسلام آباد ۾ اڄ رٿيل آزادي مارچ جو مرڪزي جلسو ملتوي ڪرڻ جو گڏيل طور فيصلو ڪيو ويو آهي. هُن چيو ته رحيم يار خان سانحي جي سوڳ ۾ جلسو اڄ نه، پر سڀاڻي ڪيو ويندو.نواز ليگ جي مرڪزي اڳواڻ چيو ته اپوزيشن گڏيل طور فيصلو ڪيو آهي ته آزادي مارچ ۾ شامل قافلا پنهنجو سفر جاري رکندا ۽ اڄ اسلام آباد پهچڻ بعد اُتي ترسندا، سڀاڻي جلسي کي مولانا فضل الرحمان ۽ شهباز شريف سوڌو اپوزيشن جي ٻي قيادت خطاب ڪندي. اُن کان اڳ نواز ليگ جي مرڪزي اڳواڻ مريم اورنگزيب بيان جاري ڪندي چيو هو ته رحيم يار خان سانحي سبب مخالف ڌر جي قيادت آزادي مارچ جو جلسو سڀاڻي تائين ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. مولانا فضل الرحمان جي ترديدمولانا فضل الرحمان آزادي مارچ جي قافلي کي خطاب ڪندي چيو آهي ته ڪوبه جلسو ملتوي نه ڪيو آهي، هي اسان جو پروگرام آهي ۽ اسان ئي فيصلو ڪنداسين ته ڇا ڪرڻو آهي. جي يو آءِ ف سربراهه آزادي مارچ جي قافلن کي هدايت ڪئي ته اُهي پروگرام تحت وقت سِر اسلام آباد پهچن، جلسو ملتوي نه ڪيو آهي. مارچ کي خطاب دوران مولانا فضل الرحمان وڌيڪ چيو ته هي آزادي مارچ آهي ۽ اسلام آباد ۾ به آزادي مارچ هوندو، مارچ ۾ جلسو به هوندو آهي، ڌرڻو به هوندو آهي، سڀ ڪجهه هوندو آهي. جاچ جو مطالبوپنهنجي خطاب دوران مولانا فضل الرحمان تيز گام سانحي تي افسوس ۽ فوتين جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. هُن مطالبو ڪيو ته جاچ ڪئي ڃي ته تيز گام سانحو آهي يا دهشتگردي. واقعي ۾ جيڪو نقصان ٿيو، اُن تي افسوس ٿيو آهي ۽ سمورن متاثرن سان ڏک ونڊيون ٿا.نواز ليگ اڳواڻ احسن اقبال ۽ مريم اورنگزيب جي اعلان کانپوءِ هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي جي يو آءِ اڳواڻ مولانا غفور حيدري چيو ته جيڪڏهن ڪير اهو چئي رهيو آهي ته اسان پروگرام ملتوي ڪيو آهي ته اها سازش آهي، مريم اورنگزيب نه مون سان رابطو ڪيو آهي ۽ نه مون ساڻس رابطو ڪيو. مريم اورنگزيب پاڻ رابطو ڪندي ته خبر پوندي ته هوءَ ڇا چوڻ گهري ٿي. هُن وڌيڪ چيو ته جيڪا غلط فهمي پيدا ڪئي وئي، اُها ختم ٿيڻ گهرجي، آزادي مارچ جا قافلا پروگرام پٽاندڙ اڄ رات اسلام آباد پهچندا، اُنهن جي اسلام آباد ۾ آجيان ڪئي ويندي. مارچ ۾ شامل ماڻهو اسلام آباد ۾ ترسندا ۽ سڀاڻي جمعي نماز به اُتي ادا ڪئي ويندي، جنهن کانپوءِ باضابطا طور جلسو ٿيندو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں