فيفا ورلڊ ڪپ: آخري ناڪ آئوٽ ۾ انگلينڊ جي ڪولمبيا کي شڪست ڏئي ڪوارٽر فائينل ۾ رسائي

سينٽ پيٽرزيرگ(اسپورٽس نيوز) انگلينڊ سخت مقابليبعد ڪولمبيا کي شڪست ڏئي ٻارنهن سالن کانپوءِ ڪوارٽر فائينل ۾ جڳهه ٺاهي ورتي. ڪولمبيا انگلينڊ ليگ جو آخري مئچ هو دنگل ۾ بدلجي ويو. ٻنهي ٽيمن جا رانديگرن وچ ۾ ڏند چڪ ٿيندا رهيا. پهرين هاف ۾ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ گول نه ٿيو. ريفري کي 8 دفعا ييلو ڪارڊ ڏيکارڻو پيو. پينالٽي تي انگلينڊ گول ڪري برتري حاصل ڪئي جيڪا آخري لمحن ۾ ڪولمبيا برابر ڪري ڇڏي. ايڪسٽرا وقت ۾ به مئچ برابر رهي. پينالٽي شوٽ تي انگلينڊ 3-4 تان برتري هاصل ڪري ڪولمبيا جي خوابن کي چڪناچور ڪري ڇڏيو.

اپنا تبصرہ بھیجیں