وزيراعظم جي استعيفيٰ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، آزادي مارچ ڪرپشن کي تحفظ ڏيڻ لاءِ آهي: وفاقي سرڪار

0Shares

اسلام آباد (بيورو) وفاقي حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر اپوزيشن جي وزيراعظم جي استعيفيٰ جي گهر کي رد ڪندي واضح ڪيو آهي ته مولانا جي مارچ ۾ جڏهن ضابطي اخلاق جي ڀڃڪڙي ٿيندي ته قانون حرڪت ۾ ايندو، جيڪڏهن ٽڪراءُ ٿيندو ته ايندڙ وزيراعظم عمران خان هوندو، اسلام آباد اندر 81 ملڪن جا سفارتخانا ۽ 7 هزار سفارتڪار موجود آهن، سفارتخانن ۽ سفارتڪارن جي سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ رياست ۽ حڪومت جي ذميواري آهي، اسان کي سياست جي ميدان ۾ هڪٻئي جو مقابلو ڪرڻ ۾ ڪو به عار نه آهي، 2014 جو ڌرڻو قانون جي حڪمراني لاءِ هو، هي مارچ ڪرپشن کي تحفط ڏيڻ لاءِ آهي، اڳ به مولانا تي حملا ٿيا، هاڻ به مولانا تي حملي جو چيو پيو وڃي، مارچ کي مڪمل سڪيورٽي ڏني ويندي، جمهوري ماڻهو آهيون ڳالهين تي يقين رکون ٿا، اهڙن خيالن جو اظهار وفاقي وزير اعجاز شاهه ۽ فردوس عاشق اعواڻ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ڪيو، فردوس عاشق اعواڻ چيو ته اسلام آباد ۾ ملڪن جا سفارتخانا ۽ 7 هزار سفارتڪار موجود آهن، سفارتخانن ۽ سفارتڪارن جي سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ رياست ۽ حڪومت جي ذميواري آهي، اسان کي سياست جي ميدان ۾ هڪٻئي جو مقابلو ڪرڻ ۾ ڪو به عار نه آهي، 2014 جو ڌرڻو قانون جي حڪمراني لاءِ هو، هي مارچ ڪرپشن کي تحفط ڏيڻ لاءِ آهي، اڳ به مولانا تي حملا ٿيا، هاڻ به مولانا تي حملي جو چيو پيو وڃي، هن چيو ته مولانا جي مارچ کي پيغام ڏيڻ چاهيون ٿا ته 7 هزار سفارتڪارن جي ذريعي پاڪستان جو چهرو دنيا تائين پهچي ٿو، ميرٽ بم ڌماڪي کانپوءِ پاڪستان کي نان فيملي اسٽيشن قرار ڏنو ويو هو، هن چيو ته پاڪستان هن ئي سال اسلام اباد کي سفارتڪارن لاءِ فيملي اسٽيشن قرار ڏيارڻ ۾ ڪامياب ٿيو. هن چيو ته اهي ڪو اهڙو عمل نه ڪن جنهن سان پاڪستان جي سلامتي ۽ دنيا ۾ پاڪستان جو وقار مجروح ٿئي، ان موقعي تي ڳالهائيندي اعجاز شاهه چيو ته اسلام آباد ۾ اڳ به مارچ ٿيندا رهيا آهن، اسلام آباد ۾ ٿيندڙ مارچ جي پوري لسٽ تيار ڪئي آهي، هي مارچ سڪندر مرزا جي ڏينهن کان شروع ٿيو، هن چيو ته قاضي حسين احمد جي مارچ کي نه اچڻ ڏنو ويو ۽ ان ۾ جاني نقصان ٿيو، اسلام آباد ۾ هڪ ڀيرو سپريم ڪورٽ تي چڙهائي ٿي، عوامي تحريڪ، تحريڪ انصاف ۽ تحريڪ لبيڪ اسلام آباد ۾ مارچ ۽ يلغار ڪئي، هن چيو ته حڪومتي ڳالهين واري ڪميٽي ۽ رهبر ڪميٽي جي ڳالهين ۾ هن چيو ته اسان ڊي چوڪ وڃڻو آهي، حڪومت آگاهه ڪيو ته ڊي چوڪ نه پريڊ گرائونڊ وڃو، رهبر ڪميٽي پشاور گرائوند گهريو جنهن سان حڪومت سان خير سگالي جذبي تحت اتفاق ڪيو، هن چيو ته ڊي سي اسلام آباد ۽ جي يو آءِ ۾ معاهدي تي صحيح ٿيڻ کانپوءِ هڪ 37 نقاطي ضابطي اخلاق تي به اتفاق ٿيو، گهرو وزير چيو ته حڪومت مولانا سان سندس مارچ کي نه روڪڻ جو واعدو ڪيو هو جيڪو پوور ڪيو، هن چيو ته 4 ڏينهن جي مارچ ۾ مختلف صوبن مان 25 هزار ماڻهو گوجر خان پهچي چڪا آهن، حڪومت مارچ کي سهولتون فراهم ڪيون آهن، هن چيو ته مولانا جي ڪنٽينر جو روٽ ڌار رکيو آهي ته جيئن ان کي جهٽڪو لڳڻ سان ڪماني نه ٽٽي، هن چيو ته دعاگو آهيون ته مارچ ۾ شامل ماڻهو خيريت سان هتي پهچي وڃن، مارچ کي مڪمل سيڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي، هن چيو ته اسان ڌرڻي ۾ شامل ٿيندڙن کي سڪون ۾ رکڻ لاءِ وڌ ۾ وڌ ڪوشش ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته مولانا تي پي ٽي آءِ حڪومت کان اڳ حملا ٿي چڪا آهن، مولانا کي خبر آهي ته اهي حملا ڪنهن ڪيا، هاڻ به مولانا تي حملي لاءِ چيو پيو وڃي، کيس مڪمل سيڪيورٽي ڏني ويندي. گهرو وزير چيو ته ڪير گهٻرايل آهي، جيڪو ڊڄي ويو اهو مري ويو، هن چيو ته وزيراعظم نواز شريف جي صحت بابت بيان ڏيڻ کان روڪي ڇڏيو آهي، نواز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ آهي، سياست ۽ احتساب هڪ پاسي آهي، جڏهن ته صحت ۽ زندگي هڪ پاسي آهي، الله سائين سڀني کي صحت ۽ زندگي ڏئي. گهرو معاملن واري وفاقي وزير اعجازشاهه جو چوڻ آهي ته وزيراعظم عمران خان فيصلو ڪيوآهي ته مان سياسي ماڻهو آهيان ،مولانا کي آزادي مارچ کان نه روڪيندس،مولانا مارچ ڪري پرڌرڻي بابت عدالتي  فيصلن جي پابندي ڪرڻي پوندي جولاءِ ۾اپوزيشن حڪومت جي خلاف احتجاج جوفيصلو ڪيو، 3 آڪٽوبر تي مولانا فضل الرحمان پهريون ڀيرو احتجاج جي تاريخ ڏني،خميس تي اطلاعات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽرفردوس عاشق اعواڻ سان گڏجي پريس ڪانفرنس ڪندي برگيڊيئر اعجازشاهه چيوته مارچ ڪندو يا ڌرڻو ڏيندو انهي بابت صرف مولاناکي ئي خبرهئي،انهي جي اتحادين کي خبر نه هئي حڪومت ۽ اپوزيشن جي بيان بازي سان سياسي ماحول ۾ ڇڪتاڻ ٿي،اعجازشاهه چيوته وزيراعظم عمران خان آزادي مارچ ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ جي فيصلي سان انتشار پکيڙيندڙن جي خواهش مندن جو وات بند ٿي ويو،وفاقي گهرو وزير برگيڊيئر (ر) اعجازشاهه وڌيڪ چيوته ڌرڻي بابت جسٽس قاضي فائر عيسي ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي پابندي ڪرڻي پوندي هن اهو به چيوته رهبر ڪاميٽي اپوزيشن ڪاميٽي کي ڊي چوڪ تي خطرن کان آگاهه ڪيو ،رهبر ڪاميٽي سان حڪومتي ڪاميٽي ڪنهن مطالبي تي ڳالهه نه ڪئي صرف خطرن کان آگاهه ڪيو هن چيوته ماضي ۾ اسلام آباد تي ڪيتريون ئي يلغارون ٿيون آهن قاضي حسين احمد جي احتجاج ۾ جاني نقصان ٿيوهيو،2016۾خيبر پختونخواه وارن کي اسلام آباد نه اچڻ ڏنو ويو گهرو وزير چيوته مولانا فضل الرحمان جومطالبوهڪ هيو پر هاڻي 6 ٿي وياآهن مولانا فضل الرحمان جو مارچ اپوزيشن جي مارچ ۾ تبديل ٿي ويو،وزيراعظم فيصلو ڪيوآهي ته سياسي ماڻهوآهيان مولانا کي نه روڪيندس پهريون ڀيرو وزيراعظم قدم کنيوآهي هن آزادي مارچ تي پاليسي بيان ڏنو وزيراعظم جي بيان تي انتشار پکيڙيندڙن جا وات ئي بند ٿي ويا تاريخ ۾ پهريون ڀيرو حڪومت دفاع واري وزير پرويز خٽڪ جي سربراهي ۾ مزاڪراتي ڪاميٽي جوڙي انهي موقعي تي فردوس عاشق اعواڻ چيوته اسان سياسي ميدان جي رانديگر آهيون حڪومت جمهوري روايت موجب احتجاج جي اجازت ڏني آهي اسلام آباد ۾ ڌرڻي بابت پرڏيهي دنيا ۾ منفي تاثروڃي ٿو اميد آهي ته مولانا فضل الرحمان معاهدي جي پاسداري ڪندو ۽ ان جو مارچ پرامن رهندو اسلام آباد ۾ موجود 7هزار ماڻهن تي ٻڌل سفارتي عملي جي سيڪيورٽي جي ذميداري حڪومت جي آهي، مولانا فضل الرحمان پاڪستان سان رشتي کي ڪمزور نه ڪري ،اهجو اهڙو ڪوئي عمل نه ڪري جنهن سان پاڪستان جو وقار مجروح ٿي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں