وفاقي ڪابينا ارسا ۾ وفاق جو نمائندو پنجاب مان مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، سنڌ جو مطالبو رد

0Shares

اسلام آباد (بيورو) وفاقي ڪابينا 6 آرڊيننس جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، جڏهن ته وزيراعظم عمران خان واضح ڪيو آهي ته اسپتالن ۾ سڌارن کان پوئتي نه هٽنداسين، وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڱاري وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيو،ڪابينا 6 آرڊيننس جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، اجلاس ۾ پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ ڊاڪٽرن جي هڙتال جو ذڪر ٿيو جنهن تي وزيراعظم عمران خان واضح ڪيو ته اسپتالن ۾ سڌارن کان پوئتي نه هٽنداسين، ڪابينا نيب ترميم آرڊيننس جي منظوري ڏني، نيب آرڊيننس ۾ ترميم تحت 50 ملين کان وڌيڪ جي ڪرپشن جي جوابدار کي جاچ لاءِ سي ڪلاس ۾ رکيو ويندو، عورتن کي ورهاست ۾ حق جي حوالي سان لاڳاپيل قانون ۾ ترميم جي منظوري ڏني وئي، جڏهن ته بنا نالي ٽرانزيڪشن ايڪٽ 2017 ۾ ترميم جي منظوري ڏني وئي، وفاقي ڪابينا سستا گهر اڏڻ لاءِ 5 ارب قرض جاري ڪرڻ جي منطوري ڏني، اجلاس ۾ 5 ادارن جي سربراهن جي مقررين جو معاملو وفاقي وزير فواد چوڌري جي غير حاضري سبب ملتوي ڪيو ويو، وفاقي ڪابينا ارسا جي ميمبر جي مقرري جي به منظوري ڏني. ڪابينا ارسا ۾ وفاق جو نائندو مقرر ڪرڻ لاءِ پنجاب سان تعلق رکندڙ اسجد امتياز جي نالي جي منظوري ڏني، سنڌ طرفان موڪليل 3 نالا رد ڪيا ويا ڪابينا اجلاس بابت بريفنگ ڏيندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته سمورن وزارتن کي عام ماڻهو جي زندگي ۾ بهتري لاءِ قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي وئي هن چيو ته وزيراعظم 9 نومبر تي ڪارپور راهداري جو افتتاح ڪندو، مهانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ اسلام آباد ۾ پائليٽ پروجيڪٽ شروع ڪيو آهي ان موقعي تي فروغ نسيم چيو ته سول پروسيچر  ڪوڊ ترميم جي منظوري ڏني وئي آهي ڪابينا ۾ 8 قانونن جي منظوري ڏني وئي سول پروسيچر ڪوڊ انگريزن جو فرسوده نظام آهي، هاڻي ديواني ڪيسن کي هڪ ئي وقت ٻن بئنچن ۾ ٻڌو ويندو هن چيو ته وقت اچي ويو آهي ته نئين ٽيڪنالاجي جو استعمال انصاف جي نظام ۾ ڪيو وڃي اسان جج جي اسپاٽ انسپيڪشن لاءِ به قانون ۾ ترميم ڪئي آهي ڪنهن جي رپورٽ بدران جج پاڻ اسپارٽ ڏسندو ٻي اپيل واري حق کي ختم ڪيو ويو آهي هن چيوته ججز مقرري واري بل جي مخالفت پاڪستان دشمني آهي ورائتي سرٽيفڪيٽ 15 کان 20 ڏينهن ۾ نادرا جاري ڪندو.03

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں