اسلام آباد (بيورو) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان استعيفيٰ ڏئي، نيون چونڊون ڪرايون وڃن، سمورا مسئلا حل ٿي ويندا، پ پ مولانا جي احتجاج کي مڪمل سپورٽ ڪري رهي آهي، اسان جا اڳواڻ ۽ ڪارڪنمولانا صاحب جي آجيان ڪندا، هن سياسي جدوجهد ۾ خان صاحب کي گهر وڃڻو پوندو، حڪومت آصف زرداري کي طبي سهولتن کان پري رکي پ پ تي دٻاءُ وجهڻ چاهي ٿي، اسان اهڙين ڪٺ پتلي حڪومتن سان وڙهندا آيا آهيون ۽ وڙهندا رهنداسين، اڱاري تي احتساب عدالت ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته اڳوڻي صدر کي جيل مان اسپتال منتقل ڪرڻ جي سفارش ميڊيڪل بورڊ ڪئي هئي، حڪومت انتظاميا عدالت جي حڪم تي عمل نه پيا ڪن، اسان گهر ڪريون ٿا ته آصف زرداري کي اسپتال منتقل ڪيو وڃي، هن چيو ته 23 مارچ تي ٿرپارڪر ۾ جلسو ڪرڻ وڃي رهيو آهيان، هن حڪومت عام ماڻهو جو جيئڻ عذاب ڪري ڇڏيو آهي، هن چيو ته اسان ۽ اسان جي ڪارڪنن جي ڪري هي حڪومت گهر ويندي ۽ عوامي حڪومت قائم ڪئي ويندي، هن چيو ته هي اها حڪومت آهي جيڪا پاڻ پنهنجو وفاق لاڪ ڊائون ڪرڻ وڃي رهي آهي، خان صاحب چيو ته اچو احتجاج ڪريو، کاڌو ڏينداسين، ڪنٽينر ڏينداسين ته هاڻ ته پنهنجي ڳالهه تي قائم رهو، هن چيو ته هر شيءِ تي يو ٽرن قبول نه آهي، احتجاج سياسي پارٽين جو حق آهي، هن چيو ته اسان جو حق اسان کي نه ڏنو ويو ته اسان کسي وٺنداسين. هن چيو ته هي بزدل وزيراعظم آهي، احتجاج کان ڊڄڻ نه گهرجي، هن چيو ته احتجاج سياسي پارٽين جو حق آهي، حڪومت کي سپورٽ ڪرڻ گهرجي نه ڪي لاڪ ڊائون ڪري، هن چيو ته پ پ سدائين پرامن ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ ڪندا رهنداسين، هن چيو ته اپوزيشن گڏجي ڪم ڪري رهي آهي ان تي خوشي آهي، سموري اپوزيشن جو مطالبو آهي ته اليڪشن ٿئي، هن چيو ته اسان اڳ به چيو ۽ هاڻ به چئون ٿا ته نيب ۽ معيشت گڏ نٿا هلي سگهن، انهن سڀني مسئلن جو حل عمران خان جي استعيفيٰ ۾ آهي.03
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟