اسلام آباد (بيورو) جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ آصف علي زرداري ۽ ان جي ڀيڻ فريال ٽالپر جي جوڊيشل رمانڊ ۾ 12 نومبر تائين واڌ ڪئي وئي آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. لطيف کوسي دليل ڏيندي چيو ته عدالت آصفه ڀٽو جي توهين عدالت جي درخواست تي رپورٽ گهري هئي. جيل اختيارين کان پڇيو وڃي ته ان تي عمل ڇو نه پيو ڪيو وڃي. هن چيو ته آصفه ڀٽو اڄ پاڻ پيش ٿيڻ چاهيو ٿي پر مان کيس روڪيو. نيب پراسيڪيوٽر چيو ته قانون کي ڏسڻو پوندو ته توهين عدالت آهي يا نه. نيب پراسيڪيوٽر جي ڳالهائڻ تي لطيف کوسي اعتراض اٿاريندي چيو ته توهين عدالت جيل اختيارين ڪئي آهي نيب ڇو ڳالهائي رهيو آهي.؟ لطيف کوسه چيو ته نيب رياست جو نمائندو آهي ۽ رياست توهين عدالت ڪندڙن سان گڏ ناهي هوندي. ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس تي دليل ڏيندي آصف زرداري جي وڪيل لطيف کوسي چيو ته آصف زرداري کي جيل ۾ ذاتي مشقتي فراهم ڪيو وڃي. جنهن تي نيب پراسيڪيوٽر چيو ته جيل ۾ ئي ڪنهن قيدي کي بطور مشقتي فراهم ڪري سگهجي ٿو. نيب پراسيڪيوٽر چيو ته ائين نٿو ٿي سگهي ته ٻاهران ڪنهن کي آڻي جيل ۾ بطور مشقتي رکيو وڃي. قانون غير لاڳاپيل ماڻهن کي جيل ۾ بطور مشقتي قيدي سان گڏ رهڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. عدالت جيل ۾ آصف زرداري کي سهولتون فراهم ڪرڻ بابت درخواست تي فيصلو محفوط ڪري ورتو. احتساب عدالت آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي جوڊيشل رمانڊ ۾ واڌ ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 12 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. پارڪ لين ريفرنس جي ٻڌڻي به 12 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو ۽ آصفه به ملاقات ڪئي. راجه پرويز اشرف، فيصل ڪريم ڪنڊي، رحمان ملڪ، مهرين ڀٽو ۽ ٻيا پارٽي اڳواڻ به ملاقات ۾ شريڪ ٿيا.03
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟