پاڪستان 3 ڪئمپون تباهه ڪرڻ بابت ڀارتي آرمي چيف جي دعويٰ جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا

0Shares

راولپنڊي (م ڊ) پاڪستان ڀارتي آرمي چيف جي دعويٰ کي وائکو ڪرڻ ۽ حقيقتن بابت آگاهي لاءِ غير ملڪي سفيرن، هاءِ ڪمشنر کي آزاد ڪشمير ۾ لائن آف ڪنٽرول (ايل او سي) جو دورو ڪرائڻ لاءِ وادي نيلم پهچائي ڇڏيو، ايل او سي جو دورو ڪندڙ غير ملڪي سفيرن سان گڏ پرڏيهي وزارت جو ڊائريڪٽر جنرل ۽ پرڏيهي ترجمان محمد فيصل به موجود هو، دوري دوران سفير ۽ هاءِ ڪمشنر کي بريفنگ به ڏني وئي، غيرملڪي سفيرن کي وه جورا، شاهه ڪوٽ ۽ نوشهري جي سيڪٽرز جو دورو پڻ ڪرايو ويو ۽ ان جاين جو جائزو ورتو ويو جتي ڀارتي فائرنگ جي نتيجي ۾ نقصان پهتو آهي.ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور هڪ ٽوئٽ ۾ لکيو آهي ته ڪيترو سٺو هاءِ ڪميشن آهي جيڪا پنهنجي ئي آرمي چيف سان گڏ ناهي بيٺل، هُن لکيو ته ڀارتي هاءِ ڪميشن جي عملي ۾ اخلاقي جرعت ناهي ته هو پاڪستان ۾ ساٿي سفير سان گڏ ايل او سي وڃي، جڏهن ته غير ملڪي سفير ۽ ميڊيا جو هڪ گروپ ايل او سي جو دورو ڪيو ته جيئن زميني حقيقتون ڏسي سگهي. هُن چيو ته ڀارت وٽ پنهنجي آرمي چيف جي دعويٰ کي سچ چوڻ جو جواز ڪونهي. ميجر جنرل آصف غفور پرڏيهي سفيرن کي  بريفنگ ڏيندي چيو ته ڀارتي فوج 2018ع ۾ 3038 ڀيرا سيز فائز معاهدي جون ڀڃڪڙيون ڪيون گذريل سال ڀارتي جارحيت ۾ 58 شهري شهيد ٿيا ۽ 319 شهري زخمي ٿيا هلندڙ سال ڀارتي فوج 2608 ڀيرا جنگبندي معاهدي جون ڀڃڪڙيون ڪيون 230 ماڻهو زخمي ۽ 44 شهري شهيد ٿي چڪا آهن.03

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں