ڀارت جي پهرين ٽي 20 ۾ انگلينڊ کي 8 وڪيٽن تان شڪست، سيريز ۾ 0-1 جي برتري

0Shares

مانچسٽر(اسپورٽس نيوز) ڀارت پهرين ٽي 20 مئچ ۾ انگلينڊ کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٽن مئچن جي سيريز ۾ 0-1 جي برتري حاصل ڪري ورتي. مانچسٽر ۾ کيڏيل مئچ ۾ ڀارت جي ڪپتان ويرات ڪوهلي ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. انگلينڊ مقرر اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي فقط 159 رنسون ٺاهي سگهي. جوس بٽلر 69، جيسن راءِ 80 ۽ ڊيوڊ ملي 29 رنسون ٺاهي سگهيا. 7 رانديگر ڊبل فگر ۾ به داخل نه ٿيا. ڪلديب ياديو 4 اوورن ۾ فقط 24 رنسن جي عيوض 5 رانديگرن کي پويلين جو رستو ڏيکاريو. اميش ياديو 2 ۽ هارديڪ پانڊيا هڪ شڪار ڪيو. جواب ۾ ڀارت گهربل هدف 2 وڪيٽن جي نقصان تي مقرر اوورن کان 10 بال پهرين حاصل ڪري ورتو. لوڪيش راهول فقط 54 بالن ۾ 5 ڇڪن ۽ 10 چوڪن جي مدد سان 101 رنسون ٺاهي ناقابل شڪست رهيو. روهت شرما 32 ۽ شکر ڌون 4 رنسون ٺاهي پويلين موٽيو. ويرات ڪوهلي 20 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو، ملي ۽ عدال رشيد 1-1 شڪار ڪيو. ڪلديب ياديو کي مئچ جو هيرو قرار ڏنو ويو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں