ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وفاقي ڪابينا پاران ارسا ۾ وفاقي ميمبر پنجاب مان کڻڻ جي فيصلي خلاف سنڌ اسيمبلي ۾ مزمتي ٺهراءُ گڏيل طور تي منظور ڪيو ويو، حڪومت ۽ مخالف ڌر وفاقي ڪابينا جي فيصلي تي احتجاج ڪندي فيصلو واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي، سنڌ اسيمبلي ۾ ڱاري تي حڪومت ۽ مخالف ڌر پارٽيون وفاقي ڪابينا جي فيصلي جي خلاف هڪ ٿي ويون، ايم ڪيو ايم پاڪستانتحريڪ انصاف ۽ جي ڊي اي پ پ جي پيش ڪيل ٺهراءَ جي حمايت ڪري ڇڏي، اڱاري تي اجلاس ۾ وفاقي ڪابينا پاران ارسا ۾ وفاقي ميمبر پنجاب مان کڻڻ جي فيصلي جي خلاف ٺهراءُ گڏيل طور تي پيش ڪيو ويو، پ پ جي ميمبر گهنور اسراڻ، ايم ڪيو ايم جي ڪنور نويد، پي ٽي آءِ جي حليم عادل شيخ ۽ جي ڊي اي جي ميمبر ٺهراءُ ايوان ۾ پيش ڪيو، ٺهراءَ ۾ چيو ويو آهي ته وفاق جو ميمبر پنجاب مان مقرر ڪرڻ ناانصافي آهي ۽ سنڌ کي ان ڳالهه تي سخت خدشا آهن جنهن تي اسيمبلي کي ڳڻتي آهي ۽ مطالبو ڪريون ٿا ته وفاق جو ميمبر سنڌ مان مقرر ڪري صوبي مان بي چيني ختم ڪئي وڃي، ٺهراءُ پيش ڪرڻ کان اڳ ايوان ۾پاليسي بيان ڏيندي وڏي وزير چيو ته ڏک جي ڳالهه آهي جو سنڌ اسيمبلي جي منظور ڪيل گڏيل ٺهراءَ کي اهميت نه ڏني وئي ۽ ارسا جو ميمبر سنڌ مان هئڻ گهرجي ها، اڄ وفاقي ڪابينا ارسا جو ميمبر پنجاب مان آندو آهي، وفاقي ڪابينا ۾ کوڙ سارن ميمبرن جو تعلق ڪراچي سان آهي پر ان جي باوجود ائين ٿيڻ افسوس جوڳو آهي، سنڌ سان تعلق رکندڙ 2 وزير ملڪ کان ٻاهر آهن، سنڌي ڳالهائيندڙ 3 وزير غير حاضر ٿي ويا، اهو ڇا آهي، هن چيو ته هڪ وزير کان مون پڇا ڪئي ته وفاقي ڪابينا ۾ ڪنهن وزير هن معاملي تي هڪ لفظ نه ڳالهايو، وڏي وزير چيو ته ارسا ۾ فيڊرل ميمبر سنڌ جو هئڻ گهرجي، هي 1999 کانپوءِ پهريون ڀيرو ٿيو آهي جو ارسا جو فيڊرل ميمبر پنجاب مان کنيو ويو آهي ان جي سخت مزمت ڪريان ٿو، اسان ان حوالي سان هڪ ٺهراءُ به سنڌ اسيمبلي مان اتفاق راءِ سان منظور ڪنداسين، اسان کي ان معاملي تي هڪ ٿيڻ گهرجي ۽ گڏجي ان تي سخت احتجاج ڪريون، هن چيو ته وزيراعظم هڪ پاسي چوي ٿو ته مون کي سنڌ جي حوالي سان ڏک آهي، ٻئي پاسي هتان وڃڻ کانپوءِ اسان سان ناانصافي ڪري ٿو، مان ايم ڪيو ايم پاڪستان جي دوستن کي چوان ٿو ته وفاقي ڪابينا ۾ انهن جا ماڻهو هوندي ان ظلم تي آواز ڇو نه اٿاريو، ان جي ميمبرن کي وفاقي ڪابينا جي اجلاس مان نه وڃڻ گهرجي ها، اسان ظلم جي خلاف آواز اٿارينداسين، وڏي وزير جي تقرير تي اپوزيشن جي ڪجهه ميمبرن احتجاج ڪيو جنهن تي وڏي وزير چيو ته کين سنڌ سان ڪا به همدردي نه آهي، ڏک جي ڳالهه آهي جو اڄ ارسا جو ميمبر پنجاب مان کنيو ويو آهي، سنڌ سان تعلق رکندڙ 3 وفاقي وزير ڪابينا جي اجلاس مان غير حاضر رهيا، هن چيو ته موجوده وفاقي ڪابينا ۾ اهي ئي پراڻيون شڪليون آهن، مون کي خبر پئي آهي ته سنڌ جي وفاقي وزير ارسا ۾ سنڌ مان نمائندگي لاءِ ڪا ڳالهه به نه ڪئي، 1999 کان اڄ پهريون ڀيرو ٿيو آهي جو ارسا ۾ سنڌ جو ميمبر نه آهي، حسنين مرزا ٺهراءَ تي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته سنڌ جي اشوز ۽ حقن تي ڪا به سوديبازي نه ٿيندي، سنڌ دشمن فيصلا قبول نه ڪنداسين، هن چيو ته چوندا هئا جڏهن ننڍا ماڻهو اقتدار تي اچي ويندا آهن ته اهڙي سوچ پيدا ڪئي ويندي آهي، وفاقي ڪابينا جو اجلاس جاري آهي ڇا سنڌ جي حڪمرانن کي وهي نازل ٿي آهي جو ڪنهن آواز نه اٿاريو، سنڌ جو عوام باشعور آهي، هو سوديبازي ۽ ڊرامي بازي سان متاثر نه ٿيندو، 2010 ۾ ڪنهن جي حڪومت هئي يوسف رضا گيلاني کان ان معاملي تي جواب ورتو وڃي، ان کي لاڙڪاڻي جي عوام رد ڪيو آهي، اڄ فهميده مزرا ۽ وزيراعظم سان آئيذر بائيجان جو وفد مليو آهي، ڪابينا جا ماڻهو ويٺا آهن ڪير چوي ٿو ته اهي ماڻهو ڪابينا مان هليا ويا هئا، حليم عادل شيخ چيو ته ڪير چوي ٿو ته اسان هن ٺهراءَ کي سپورٽ ڪري رهيا آهيون، اسان سمجهون ٿا ته نئون پاڪستان ٺهي رهيو آهي ته نئين سنڌ به ٺهندي، سي جي ڪينال بابت خبر پئي ته اسان جي اپوزيشن ليڊر گورنر هائوس ۾ وزيراعظم سان ڳالهه ڪئي، اسان سنڌ جي معاملي تي حڪومت سان گڏجي وڙهنداسين، گذريل ڏينهن جيئن تڪڙ ۾ ٺهراءُ منظور ڪيو ويو هي قدم ٺيڪ نه آهي، ٻڌڻ جو حوصلو پيدا ڪيو وڃي، هن چيو ته اسان کي پاڻي ملي ٿو ته ان کي گدلو ڪيو وڃي ٿو، مان نٿو چوان واٽر ڪميشن جو سربراهه جسٽس امير هاني مسلم چوي ٿو، 70 سيڪڙو لاڙڪاڻي جا ماڻهو گندو پاڻي پين ٿا، ڀٽو جو لاڙڪاڻو تباهه ٿي ويو، توهان ڪتا پڪڙي نٿا سگهو ان لاءِ رينجرز گهرجي، ڪلين ڪراچي مهم تي پيسا لٽيا ويا ۽ شهر اهو ئي گندگي سان ڀريل آهي، ٺهراءَ تي خيالن جي اظهار بدران ٻين اشوز تي ڳالهائڻ تي سنڌ اسيپيڪر کيس تنبيهه ڪئي ته ٺهراءَ تي ڳالهايو، ڪنور نويد چيو ته اسان هن ٺهراءَ کي درست سمجهون ٿا ۽ حمايتون ڪريون ٿا، دنيا جو اصول آهي ته جيڪو پڇڙي ۾ آهي ان جو پاڻي تي حق هوندو آهي، ڀارت سان به ان ڳالهه تي اختلاف آهي، سنڌ جو وڏو وزير حقن جي ڳالهه ڪري ٿو، مان ڌيان ڇڪايان ٿو ته ڪراچي به سنڌ جو حصو آهي، ڪراچي جا ماڻهو پاڻي لاءِ ڏينهن رات ڪين، ڊٻا ۽ دلا کڻي انتظار ڪن ٿا، ڪي فور تي لاڳت 25 ارب کان وڌي وئي آهي، ان تي وڌيڪ خدشا پيدا ٿي رهيا آهن، ڪراچي ۾ ماڻهن کي ڪتا ڏاڙهي رهيا آهن ۽ دوائون نه آهن، ان ڳالهه تي اعتراض نه آهي ته ڪراچي جا پيسا سڄي سنڌ تي خرچ ٿين پر ڪراچي کي حق ڏنو وڃي ۽ ڪراچي کي پاڻي ڏنو وڃي، اسان هن ٺهراءَ جي حمايت ڪريون ٿا. ايم ڪيو ايم جي محمد حسين چيو ته ٿل ڪينال جو مسئلو هجي يا ڪالاباغ ڊيم جو يا چشما لنڪ ڪينال اسان سدائين سنڌ جي حقن جي ڳالهه ڪئي آهي، اسيمبلي ۾ پارٽي جو موقف پيش ڪرڻ سڀني جو حق آهي.03
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟