صدارتي ريفرنس جو مقصد ججن کي خاموش ڪرائڻ آهي، منهنجي ساک کي نقصان پهچايو پيو وڃي :جسٽس قاضي فائز عيسيٰ

0Shares

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي وڪيل منير اي ملڪ دليل ڏيندي چيو آهي ته فيض آباد ڌرڻو ڪيس جو فيصلو ئي جسٽس قاضي فائز جي خلاف ريفرنس جو بنياد بڻيو، اصيل ڪنهن معززجج جي خلاف ساڙ يا ذاتي دشمني جو الزام ناهي مڙهيو فل ڪورٽ ۽ ڌار ٿيندڙ ججز تي اعتراض ناهي  اعليٰ عدليه جي ججز تي دٻاءُ وجهڻ هن ڪيس جي جان آهي. لنڊن جو پهريون فليٽ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي زال 2004 ۾ ورتو، پهرين فليٽ خريد ڪرڻ جي پنجن سالن کان پوءِ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جج ٿيو ٻيو ۽ ٽيون فليٽ 2013 ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي ٻارڙن ورتو 2013 ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيف جسٽس بلوچستان هاءِ ڪورٽ هو جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي بي ايماني يا ڪرپشن جو هڪ به الزام نه آهي هو سڌوسنئون يا  اڻ سڌي طرح فليٽس جو بيني فشل مالڪ نه آهي 28 مئي 2019 کان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي ڪردار ڪشي جي مهم جاري آهي کيس مستقبل ۾ چيف جسٽس ٿيڻو آهي ان سميت ڪوبه قانون کان مٿانهون نه آهي اعليٰ آئيني عهدن تي ويٺل ماڻهن جي خرچن سان اختلاف آهي سپريم ڪورٽ جج بڻجڻ وقت به جسٽس قاضي فائز عيسي جي اثاثن جو جائزو ورتو هوندو جڏهن هو جج ٿيو ته سالياني پگهار ماهوار ڪمائي جي برابر ٿي ويئي 2009 ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي ڪمائي ساليانو 36 ملين رپيا هئي ان جي لا فرم سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس ڏيندي هئي سومر تي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي خلاف صدارتي ريفرنس جي معاملي تي سپريم جڊيشل ڪائونسل جي ڪارروائي جي خلاف درخواستن تي ٻڌڻي جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 10 ميمبرن تي ٻڌل لارجر بئنچ ڪئي ٻڌڻي دوران هڪ وڪيل محمود اجمل بئنچ جي سربراهه جسٽس عمر عطا بنديال تي اعتراض واري ڇڏيو ۽ چيو ته مان اوهان جي خلاف ريفرنس داخل ڪري ڇڏيو آهي وڪيل چيو ته اوهان بئنچ کان الڳ ٿي وڃو جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته منهنجي خلاف ريفرنس جو فيصلو سپريم جڊيشل ڪائونسل ڪندي جسٽس مقبول باقر چيو ته اوهان روسٽرم کان هٽي وڃو جسٽس سجادعلي شاهه چيو ته اوهان جو لهجو ٺيڪ نه آهي وڪيل چيو ته مون تي توهين عدالت لڳائڻي آهي ته لڳايو عدالت مان نه ويندس ٻڌڻي دوران فل ڪورٽ بئنچ صدر سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن کي طلب ڪري ورتو وڪيل پاران عدالت ۾ گوڙ ڪرڻ تي سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر وڪيل کي روسٽرم تان هٽائي ڇڏيو وڪيل چيو ته ڪا خبر نه اهي ته منهنجي ريفرنس تي ڪهڙي ڪارروائي ٿي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي وڪيل منير اي ملڪ دليل ڏيندي چيو ته معزز جج خلاف ساڙ يا ذاتي دشمني جو الزام ناهي لڳو فل ڪورٽ ۽ ڌار ٿيندڙ ججز تي اعتراض نه آهي جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته بئنچ ساٿي ججز تي اعتراض رد ڪري ڇڏيو هو منير اي ملڪ چيو ته اعليٰ عدليه جي ججز تي دٻاءُ وجهڻ هن ڪيس جي جان آهي اعليٰ عدليه جي آزادي لاءِ ماڻهن پنهنجا سر قربان ڪيا هن چيو ته  لنڊن جو پهريون فليٽ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي زال 2004 ۾ ورتو، پهرين فليٽ خريد ڪرڻ جي پنجن سالن کان پوءِ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جج ٿيو ٻيو ۽ ٽيون فليٽ 2013 ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي ٻارڙن ورتو 2013 ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيف جسٽس بلوچستان هاءِ ڪورٽ هو جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي بي ايماني يا ڪرپشن جو هڪ به الزام نه آهي هو سڌوسنئون يا اڻ سڌي طرح فليٽس جو بيني فشل مالڪ نه آهي 28 مئي 2019 کان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي ڪردار ڪشي جي مهم جاري آهي کيس مستقبل ۾ چيف جسٽس ٿيڻو آهي ان سميت ڪوبه قانون کان مٿانهون نه آهي اعليٰ آئيني عهدن تي ويٺل ماڻهن جي خرچن سان اختلاف آهي سپريم ڪورٽ جج بڻجڻ وقت به جسٽس قاضي فائز عيسي جي اثاثن جو جائزو ورتو هوندو جڏهن هو جج ٿيو ته سالياني پگهار ماهوار ڪمائي جي برابر ٿي ويئي 2009 ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي ڪمائي ساليانو 36 ملين رپيا هئي ان جي لا فرم سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس ڏيندي هئي منير اي ملڪ چيو ته صدر ۽ اطلاعات بابت خاص مددگار جي صدارتي ريفرنس تي ڳالهايو هن چيو ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي هاڻي پنهنجي دفاع جو موقعو عدالت ۾ مليو آهي چيو ويو ته قاضي فائز عيسيٰ جج بڻجڻ جي اهل نه آهي منير اي ملڪ چيو ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي والد قائداعظم جو ويجهو دوست هو هن چيو ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي لا فرم سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس ڏيندي هئي. منير اي ملڪ چيو ته ڪوئيٽا ڪميشن انٽيليجنس ادارن جي ڪردار تي سوال اٿاريو فيض آباد ڌرڻي ڪيس جو فيصلو ئي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي خلاف بنياد بڻيو منير اي ملڪ فيض آباد ڌرڻي ڪيس جو فيصلو پڙهي ٻڌايو. جسٽس منير اختر چيو ته انهن درخواستن جو حوالو نه ڏيو جيڪي واپس ورتيون ويون آهن منير اي ملڪ چيو ته بنيادي طور تي جسٽس فائز عيسيٰ جي خلاف مائينڊ سيٽ ظاهر ڪرڻ چاهيون ٿا هن چيو ته ايم ڪيو ايم جي درخواست واپس نه ورتي وئي هئي ٻن الڳ وڪيلن درخواستون اخل ڪيون هيون هن چيو ته ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ ٻئي اتحادي جماعتون آهن جسٽس منير اختر چيو ته تعجب آهي ته ايم ڪيو ايم جي درخواست تي رجسٽرار آفيس اعتراض ناهي لڳايو جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته ڪنهن جي سوچ کي نٿا پڙهي سگهون نظرثاني درخواست تي لاڳاپيل عدالت فيصلو ڪندي جسٽس منصور علي شاهه چيو ته فيض آباد ڌرڻي جي ڪيس جي ڪيتري عرصي کان پوءِ ريفرنس داخل ٿيو منير اي ملڪ چيو ته 10 اپريل 2019 تي وحيد ڊوگر جي شڪايت ملي هئي منير اي ملڪ چيو ته فيض آباد ڌرڻي ڪيس جو فيصلو 6 فيبروري 2019 تي ٻڌايو ويو پي ٽي آءِ ۽ ايم ڪيو ايم جي درخواستن ۾ هڪ جهڙا سوال ڪيا ويا جسٽس منصور علي شاهه چيو ته ڇا نظرثاني درخواست ۾ جج جي خلاف ڪارروائي لاءِ چيو ويو هو جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته جج کي ضمير جي حوالي تائين بئنچ کان ڌار نه ٿيڻ گهرجي منير اي ملڪ چيو ته 7 مهينن کان نظرثاني درخواستن تي ٻڌڻي ناهي ٿي قانون واري وزير جو تعلق به ايم ڪيو ايم سان آهي منير اي ملڪ چيو ته پي ٽي آءِ جو سربراهه وزيراعظم عمران خان آهي اتحادي جماعتن جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي خلاف گڏيل ڪوشش ڪئي هن چيو ته فيض آباد ڌرڻي ڪيس جو فيصلو ٻه رڪني بئنچ جو هو. وڪيل منير اي ملڪ چيو ته جيڪڏهن ريفرنس ٻنهي ججن جي خلاف هجي ها ته منهنجو موقف مختلف هجي ها جسٽس منصور علي شاهه چيو ته ٿي سگهي ٿو ته درخواست گذار چاهيندو هجي ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ نظرثاني ڪيس نه ٻڌي جسٽس سجاد علي شاهه چيو ته ڇا عدالتيون فيصلي جي بنياد تي ريفرنس داخل ٿي سگهي ٿو منير اي ملڪ چيو ته قانون جو وزير ڄاڻي ٿو ته جج کي اهڙي انداز ۾ نٿو هٽائي سگهجي جسٽس فيصل عرب چيو ته لڳي ٿو ته ٻنهي جماعتن جي وڪيلن ڊرافٽ جي ڏي وٺ ڪئي آهي ٻنهي جماعتن ڪمپيوٽر تي هڪ جهڙو استعمال ڪيو آهي جسٽس منصور علي شاهه چيو ته ٻئي درخواستون هڪ فونٽ ۾ لکيون ويون منير اي ملڪ چيو ته طبيعت خراب هئڻ سبب وڌيڪ دليل نٿو ڏيئي سگهان عدالت ڪيس جي ٻڌڻي اڄ ساڍي يارهين وڳي تائين ملتوي ڪئي ويئي. ٻئي طرف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي خلاف صدارتي ريفرنس تي سپريم ڪورٽ جي معزز جج پنهنجو جواب الجواب عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي طرفان جواب الجواب ۾ چيو ويو آهي ته گهروارن جي ملڪيتي جائيدادن جي مني ٽريل ڏيڻ جو پابند ناهيان، گهرواري ۽ ٻار منهنجي ڪفالت هيٺ ناهن ۽ ان جي ڪري سڀني مالي معاملن جي خبر ڪونهي، گهرواري ۽ ٻارن جي ملڪيت هيٺ جائيدادن جي تفصيلن بابت آگاهه ڪرڻ جو نٿو چئي سگهجي. جواب ۾ چيو ويو ته صدارتي ريفرنس جو مقصد ججن جا عيب ڪڍڻ ۽ انهن کي خاموش ڪرائڻ آهي، الزام لڳائي منهنجي شهرت ۽ ساک کي نقصان پهچايو پيو وڃي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پنهنجي جواب ۾ وڌيڪ چيو ته پهرين جائيداد 2004 ۾ 2 لک 36 هزار پائونڊ پاڪستاني 2 ڪروڙ 60 لک رپين ۾ خريد ڪئي، وڌيڪ ٻه جائيدادون 2013 ۾ بالترتيب 2 لک 45 هزار پائونڊ ۽ 2 لک 70 هزار پائونڊ ۾ خريد ڪيون، سمورين جائيدادن جي ماليت گڏجي به ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد جي پوش علائقن ۾ هڪ ڪنال جي قيمت کان گهٽ آهي. معزز جج جي جواب موجب ڪراچي ۾ 1600 هم چورس گز جو گهر آهي جيڪو گذريل 10 سالن کان خالي آهي، بطور چيف جسٽس بلوچستان هاءِ ڪورٽ ڪوئيٽا ۽ جج سپريم اسلام آباد ۾ رهائش اختيار ڪئي، لنڊن يا ٻاهرين ملڪ ڪا جائيداد ڪونهي ۽ نه ئي گهرواري جي ٻٽي شهريت آهي. جسٽس قاضي فائز پنهنجي جواب الجواب ۾ اعتراض اٿاريو ته ڪونسل جي طرفان اٽارني جنرل کي جواب جمع ڪرائڻ جي اجازت جو رڪارڊ موجود ڪونهي، ڪونسل جي طرفان اٽارني جنرل جو جواب جمع ڪرائڻ آئين جي ڀڃڪڙي آهي، اٽارني جنرل نجي پريڪٽس بدران وفاقي حڪومت کي قانوني معاملن ۾ مشورو ڏيندو آهي. معزز جج پنهنجي جواب ۾ چيو ته سپريم ڪورٽ اڳوڻي اٽارني جنرل ملڪ قيوم خلاف اختيار جي دائري کان ٻاهر وڃڻ تي ڪارروائي جو حڪم ڏنو، ڪونسل کي اختيار حاصل نه هو ته اٽارني جنرل کي جواب جمع ڪرائڻ جي ذميواري ڏئي، ڪونسل جي طرفان اٽارني جنرل کي پنهنجو وڪيل تفويض ڪرڻ آئين جي شق 100 جي ڀڃڪڙي آهي. جواب ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اٽارني جنرل انور منصور خان وفاقي حڪومت جي نمائندگي ڪندو آهي. بطور وفاقي حڪومت جي نمائندگي جو اهو عمل آئين پاڪستان جي خلاف ورزي جي زمري ۾ اچي ٿو. اٽارني جنرل کي ڪارروائي ۾ ملوث نه هجڻ گهرجي. جنهن جي لاءِ وفاق کيس مختص ناهي ڪيو. ڪنهن وڪيل کي جج سان ڪنهن نجي معاملي تي ڳالهه ٻولهه يا بحث نه ڪرڻ گهرجي. ڪائونسل ۽ سيڪريٽري جا  مناسب جواب نه اچڻ کان پوءِ الزامن کي تسليم ڪيو ويندو.03

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں