اسلام آباد (بيورو) اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان ڪابينا اجلاس ۾ شيون ذخيرو ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي تي زور ڏيندي هدايت ڪئي آهي ته روز ڪم ايندڙ ضروري شين جي اگهن ۾ استحڪام آندو وڃي. اسلام آباد ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ بريفنگ ڏيندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته وزيراعظم عمران خان چين ۽ ايران جي دوري بابت ڪابينا کي اعتماد ۾ ورتو. هن ٻڌايو ته وزيراعظم عمران خان ضروري شين جي اگهن جو جائزو وٺڻ کانپوءِ شماريات واري وزارت کي هدايتون ڏنيون آهن ته اگهن ۾ استحڪام رهڻ گهرجي، گهرج ۽ پهچ ۾ پيدا ٿيندڙ خال جو سبب ذخيرو ڪندڙ آهن، جيڪي ڄاڻي واڻي من پسند شين جي کوٽ پيدا ڪري عوام لاءِ ڏکيائيون پيدا ڪندا آهن، انهن سان ڪا رعايت نه ڪئي وڃي. سندس چوڻ هو ته اهڙي ريت قيمتون تبديل ڪرڻ بدران انهن ۾ استحڪام آندو وڃي ۽ استحڪام برقرار رکڻ حڪومت جي پهرين ترجيح ۽ ذميواري آهي، وزيراعظم ان ذميواري کي محسوس ڪندي صوبائي حڪومتن ۽ وڏن وزيرن کي جمعي تي طلب ڪيو آهي، جتي قيمتن جي ميڪنزم تي ڳالهه ٿيندي ته استحڪام لاءِ صوبائي حڪومتن جا دارا فعال ڪردار ادا ڪن. فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي جي ٻه آڪٽوبر تي فيصلن ۽ قانون سازي بابت ڪابينا ڪميٽي جي 4 آڪٽوبر تي فيصلن جي منظوري ڏني آهي. هن وڌيڪ چيو ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته صحت واري وزارت طرفان 89 دوائن جا اگهه گهٽ ڪرڻ جي حوالي سان هڪ سمري آندي پئي وڃي ۽ وزيراعظم صحت واري وزارت کي هدايت ڪئي ته حياتيون بچائيندڙ دوائن جي اگهن ۽ مارڪيٽ ۾ دوائن جي کوٽ تي نظر رکي وڃي. تحريڪ انصاف اڳواڻ ٻڌايو ته ڪابينا ڊاڪٽر عصمت آرا کي نيشنل فرٽيلائزر ڪمپني جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ۽ ايس مسعود کي سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج سيڪيورٽيز (ايس اي سي پي) پاليسي بورڊ جو ميمبر مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني، اڄ ڪابينا جي اجلاس ۾ جيڪو سڀ کان اهم فيصلو ٿيو، اهو رئيل اسٽيٽ جي حوالي سان هو، رئيل اسٽيٽ ريگوليشن اينڊ ڊولپمينٽ آرڊيننس 2019 تحت رئيل اسٽيٽ ريگيوليٽري اٿارٽي قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. فردوس عاشق اعواڻ چيو ته اسلام آباد ۾ عمارتن، زمينن ۽ روڊن سميت ڪيترن ئي معاملن جي حوالي سان ماسٽر پلان جي منظوري ڏني وئي آهي، جن کي ماهر تيار ڪندا ۽ کين ايندڙ ٻن ورهين ۾ مڪمل منصوبابندي پيش ڪرڻ جو چيو ويو آهي. سندس چوڻ هو ته اجلاس ۾ سي ڊي اي جي نواڻ جي اصولي منظوري ڏني وئي ۽ سي ڊي اي کي مڪمل طور خود مختيار اداري جي صورت ۾ متعارف ڪرايو پيو وڃي، جيڪو اسٽيشٽس ڪو مان نڪري اڄوڪي دور جو بهترين ادارو بڻبو. هن ٻڌايو ته لنگر خانا قائم ڪرڻ جي حوالي سان پاليسي جي ڪابينا منظوري ڏني آهي، جنهن کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنر شپ ذريعي اڳتي وڌايو ويندو. ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته حڪومت آزادي مارچ تي مناسب وقت تي فيصلو ڪندي. اپوزيشن جي ترن ۾ تيل ئي ناهي. اهي آزمايل آهن، هن چيو ته اگر مولانا جيلن ۾ پيلن جي لاءِ تحريڪ هلائڻ گهري ٿو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان سڀاڻي سعودي عرب ويندو. مال بچائو پارٽين پاران پنهنجي ايجنڊا مولانا کي ٺيڪي تي ڏئي ڇڏيو آهي، مولانا ڪهڙي ٺيڪيداري نظام تحت انصاف ڪندو. ٻئي جماعتون دور بنيون لڳائي چيڪ ڪري رهيون آهن. اگر عوامي حمايت کيس هجي ها ته مولانا اسيمبلي کان ٻاهر نه هجي ها. هن چيو ته مولانا جيل ۾ بند پيلن لا تحريڪ هلائڻ چاهي هو.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟