ڊيوڊ وارنر گلوبل ليگ ۾ ونيپيگ هاڪس جو ڪپتان مقرر

ڪنگ سٽي(اسپورٽس نيوز) آسٽريليا جو سزا يافتا بيٽسمين ڊيوڊ وارنر گلوبل ٽي 20 ليگ ڪئناڊا ۾ ونيپيگ هاڪس جو ڪپتان مقرر، هو ٽيم جي باقي رهيل ميچن ۾ قيادت سنڀاليندو. ياد رهي ته اڳوڻي آسٽريلين نائپ ڪپتان وارنر تي سڄِ زندگي تائين ڪنهن به ٽيم جي قيادت سنڀالڻ جي پابندي آهي وارنر بال ٽيمپرنگ جي واقعي کاپوءِ پهريون دفعو ليگ جي قيادت ڪندو. ياد رهي ته هو شروعاتي کيڏيل ٽن ميچن ۾ فقط 6 رنسون ٺاهي سگهيو آهي. واضح رهي ته هاڪس جي موجودده ڪپتان ڊوائين براوو بنا ڪنهن سبب ٻڌائڻ جي ٽيم جي ڪپتاني تان مستفي ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هاڪس جي ڪوچ وقار يونس چيو آهي ته وارنر تي مڙهيل پابندي سان ليگ تي ڪوبه فرق نٿو پوي اميد ته هن جي قيادت ۾ ٽيم وڌيڪ مستحڪم ٿيند.ي هو هڪ سٺو ليڊر آهي هن وڌيڪ چيو ته مون هن جي ڪارڪردگي آءِ پي ايل ۾ ڏٺِ آهي شاندار رهي آهي. هن وقت ونيپيگ هاڪس ٽورنامينٽ ۾ ٻڻ مئچن ۾ فتح حاصل ڪرڻ کانپوءِ ٽاپ تي براجمان آهي. هاڪس سندس قيادت ۾ پهرين مئچ ڪرڪيٽ ويسٽ انڊيز بي ٽيم خلاف اڄ کيڏندي.

اپنا تبصرہ بھیجیں