فنانشل ٽاسڪ فورس جي اجلاس ۾ پاڪستان جا قدم تسلي بخش قرار

0Shares

پيرس (م ڊ) فنانشل ايڪشن ٽاس فورس مني لانڊرنگ ۽ دهشتگردي جي مالي مدد خلاف پاڪستان جي قدمن کي شروعاتي طور تي تسلي بخش قرار ڏئي ڇڏيو.رپورٽ موجب پيرس ۾ فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس جو اجلاس جاري رهيو، جنهن ۾ پاڪستاني وفد جي سربراهي اقتصادي معاملنا بابت وزير حماد اظهر ڪري رهيو آهي.ناڻي واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته ايف اي ٽي ايف پاڪستان جي نئين نيشنل رسڪ اسيسمينٽ جو جائزو ورتو، شروعاتي طور تي پاڪستان جي قدمن کي تسلي بخش قرار ڏنو ويو آهي جڏهن ته پاڪستان طرفان ايڪشن پلان تي عملدرآمد جي نقطن تي اڃان وڌيڪ 2 ڏينهن غور ڪيو ويندو.پاڪستان نئين نيشنل رسڪ اسيسمينٽ اسٽڊي پوري ڪري 150 صفحن جي رپورٽ موڪلي هئي، جنهن ۾ دهشتگردن جي مالي مدد ۽ دهشتگردي جي خطرن جي حوالي سان 12 کان وڌيڪ صفحا شامل آهن. رپورٽ ۾ پابندي مڙهيل تنظيمن خلاف ڪارروائين ۽ استغاثه بابت آگاهه ڪيو ويو آهي.ايف اي ٽي ايف پاڪستان جي هاڻوڪن قدمن مان مطمئن ٿي ته ان کي گري ايريا جي فهرست مان خارج ڪرڻ جي ڪارروائي شروع ٿي سگهي ٿي، ناڪافي اڳڀرائي سبب پاڪستان جي باري ۾ ايندڙ سطح جي قدم کڻڻ تي غور ڪيو ويندو، پاڪستان کي گري لسٽ مان ڪڍڻ لاءِ 12 ميمبرن جي حمايت گهربل هوندي.03

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں