سليڪٽيڊ حڪومت عوام جا معاشي حق غصب ڪري رهي آهي: بلاول ڀٽو

0Shares

لاڙڪاڻو(رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي مان ۾ پيپلز لايرس فورم طرفان آجياڻي تقريب ڏني وئي، ان ڏس ۾ڪالھ پيپلز لايرس فورم لاڙڪاڻي جي جنرل سيڪريٽري ظفر الله سومرو طرفان شهر جي هڪ مقامي هوٽل ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن تقريب ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاھ، پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو، پي ايس 11 جي نامزد اميدوار جميل احمد سومرو، پ پ اڳواڻ خان بهادر سردار محمد نواز شيخ، ايم اين اي خورشيد جوڻيجو، زراعت کاتي جي صوبائي وزير اسماعيل راهو، صوبائي صلاح ڪار اعجاز جکراڻي سميت پ پ ايم اين ايز، ايم پي ايز توڙي ٻين اڳواڻن ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سنڌ جي هر شهر شهر ۾ منهنجو هڪ ئي پيغام آهي ته ڪٽ پتلي حڪومت اتحاد ٺاهي پنهنجي اميدوار کي کٽرائڻ چاهيون ٿا، جڏهن ته جنهن آئين عوام جا حقن ڏنا، ان آئين تي حملو ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته عوام دشمن بجيٽ ڏنو ويو، هارين کان سبسڊي کسي، پينشنرز ۾ اضافو نه ڪري سفيد پوش طبقي کي پريشان ڪيو ويو آهي، هن چيو ته جنرل اليڪشن کان پوءِ ڏٺو ته پي ٽي آءِ ۽ اتحادي جي ڊي اي انساني، معاشي حقن مٿان حملا ڪيا آهن، جڏهن ته صحافين کان پڇو معاشي مسئلن جو شڪار آهن، جڏهن ته عدليه جا فيصلا ڏسو اسان کي انصاف نه مليو، جڏهن ته سليڪٽيڊ حڪومت حڪومت معاشي حقن غضب ڪري رهي آهي، جڏهن ته سليڪٽرز کي خوش رکيو پيو وڃي، بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته هي صوبن تي مسلط ٿيڻ چاهن ٿا ۽ صوبي جي ڪيپيٽل کي قبضو ڪرڻ پڻ چاهن ٿا، جڏهن ته اسان مٿان وڏي ذميداري آهي، اسان کي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي آئين جو تحفظ ڪرڻو آهي، جيڪڏهن پ پ مزدورن، هارين جو آواز نه بڻبي ته هي حڪومت ڪنهن کي به بخش نه ڪندي، جڏهن ته واپاري، ميڊيا، نجي ۽ سرڪاري ادارن مان نوجوانن کي بيروزگار ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته عوام دشمن بجيٽ ۽ غير جمهوري قوتن جي خلاف ڪراچي کان ڪشمير تائين جلسا ڪنداسين، جڏهن ته اسان گڏجي ڪري پي ٽي آءِ سميت سندس جي سهولت ڪارن کي گهر ڀيڙو ڪرڻو آهي.03

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں