لاهور(بيورو)مسلم ليگ نون ليگ طرفان جي يو آءِ ف جي آزادي مارچ ۾ باضابطه طور شرڪت جو فيصلو ڪري ڇڏيو، شهباز شريف چيو آهي ته نواز شريف جو حڪم مٿانهون آهي، ن ليگ آزادي مارچ ۾ ڀرپور نموني شرڪت ڪندي، هو چيلهه ۾ تڪليف سبب رڳو لاهور ۾ ريلي جي قيادت ڪندو، جنهن بعد احسن اقبال جي قيادت ۾ اڳواڻ ۽ ڪارڪنن اڳتي وڌندا.لاهور جي ماڊل ٽائون واري علائقي ۾ شهباز شريف جي صدارت هيٺ ن ليگ جو اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو.اجلاس ۾ ن ليگ ترجمان مريم اورنگزيب، احسن اقبال، راڻا تنوير، راڻا مشهود، حنيف عباسي، امير مقام، عبدالقادر بلوچ ۽ ٻين شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ مسلم ليگ نون پاران مولانا فضل الرحمان جي آزادي مارچ ۾ شرڪت جو فيصلو ڪيو ويو.ن ليگ صدر شهباز شريف چيلهه جي تڪليف سبب لاهور ۾ ريلي جي قيادت ڪندو.احسن اقبال جي قيادت ۾ اڳواڻ ۽ ڪارڪن آزادي مارچ ۾ شرڪت ڪندا.ان موقعي تي شهباز شريف نواز شريف جو خط پڙهي ٻڌائيندي چيو ته نواز شريف جو حڪم مٿانهون آهي، ن ليگ آزادي مارچ ۾ ڀرپور نموني شرڪت ڪندي، چيلهه ۾ تڪليف سبب رڳو لاهور ۾ ريلي جي قيادت ڪندس، جنهن بعد احسن اقبال جي قيادت ۾ اڳواڻ ۽ ڪارڪنن اڳتي وڌندا. صحافين سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته اجلاس ۾ شهباز شريف نوازشريف جو لکيل خط پڙهي ٻڌايو جنهن ۾ پارٽي جي لاءِ آئنده جي حڪمت عملي جا تفصيل ڏنا ويا هئا. احسن اقبال ٻڌايو ته نوازشريف جي هدايتن تي ئي ڀرپور مهم جي شروعات ڪئي وڃي ته جيئن حڪومت کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهجي.ان جي هدايت جي پارٽي طرفان مڪمل حمايت ڪئي وئي آهي. سڀاڻي اسان جو وفد جي يو آءِ(ف) جي اڳواڻ مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪندو ۽ کيس نوازشريف جي خط بابت آگاهه ڪندو. ملاقات ۾ آزادي مارچ جي حوالي سان لائحه عمل جوڙيو ويندو. احسن اقبال چيو ته نواز شريف حڪومت جي خاتمي لاءِ تحريڪ هلائڻ جي هدايت ڪئي آهي ن ليگ ۾ ڪي به اختلاف ناهن شهباز شريف پارٽي جو صدر آهي ۽ صدر رهندو نواز شريف جي نظريي تي اعتماد آهي هن چيو ته عمران خان چوندو رهيو ته هڪ سال تائين پرڏيهي نه ويندو مهانگائي ۽ بيروزگاري وڌي رهي اهي حڪومت کان ڇوٽڪاري لاءِ تحريڪ هلائينداسين.03
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟