لاهور (بيورو) اطلاعات بابت وزيراعظم جي خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته نواز شريف جي ڳالهين کانپوءِ مولانا جي مارچ جي ٻلي ٿيلهي مان ٻاهر اچي وئي، ثابت ٿي ويو ته مارچ ڪشميرين نه چورن جي آزادي لاءِ آهي، ماڊل ٽائون ۾ ٿيندڙ اجلاس به ان راند جو حصو آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي ۽ لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته نواز شريف ۽ شهبازشريف، سميع الله ۽ ڪليم الله جي راند کيڏي رهيا آهن، ڪڏهن بال شهباز شريف ته ڪڏهن نواز شريف وٽ هوندو آهي، ٻئي گول ڪرڻ ۾ ناڪام آهن، ڇو ته ٻنهي جي گول پوسٽ ڌار ڌار آهي. هن چيو ته اڄ ماڊل ٽائون ۾ ٿيندڙ اجلاس به ان راند جو حصو آهي، نواز شريف جي ڳالهين بعد مولانا جي مارچ جي ٻلي ٿيلهي مان ٻاهر اچي وئي، ثابت ٿي ويو مولانا جو مارچ ڪشميرين نه چورن جي آزادي لاءِ آهي. سندس چوڻ هو ته اهي مظلومن لاءِ نه ڪرپشن جي بادشاهن جي سياسي ۽ معاشي روزگار کي تحفظ ڏيڻ لاءِ نڪري رهيا آهن، مولانا فض الرحمان سياسي حلوي جو شوقين آهي، جيڪو حاصل ڪرڻ لاءِ اسلام آباد ۾ لاڪ ڊائون نه ڪري. فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ڏيهي ۽ پرڏيهي آقائن کي خوش ڪرڻ لاءِ ڀارت خلاف ڪاري ڏهاڙي کي سياست لاءِ چونڊيو ويو آهي. هن چيو ته جيلن وارا فضل الرحمان کي ڍال طور استعمال ڪري رهيا آهن ملڪي مفادن ۾ ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون ٻي صورت ۾ ڪي به ڳالهيون نه ڪنداسين حڪومت ڪنهن سان به سياسي انتقام نه وٺي رهي آهي نواز شريف جو فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ ۽ احتساب عدالت ڪيو پي ٽي آءِ حڪومت کي قرض ورثي ۾ مليا ماضي جي حڪمرانن ملڪ کي قرضي ڪيو هن چيو ته نواز شريف جي فضل الرحمان کي پيغام واري خط جو حشر به قطري خط جهڙو ٿيندو. ٻئي طرف هوا بازي واري وفاقي وزير غلام سرور خان چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان سان ڪو مسئلو آهي ته اسان ڳالهين جي لاءِ تيار آهيون. وفاقي وزير چيو ته 27 آڪٽوبر تي ڪشميري عوام ڪارو ڏينهن ملهائيندو آهي، مولانا جي ايجنڊا واضح ناهي ته آزادي مارچ آهي ڪهڙي شئي جو؟ هو وڃي لائن آف ڪنٽرول تي ڌرڻو ڏئي، حڪومت هن جو ساٿ ڏيندي. هن چيو ته وزير اعظ۾ گذريل ڏينهن پاڻ ئي چيو هو ته نه ڪنهن کي مجاز قرار ڏنو آهي نه ڪنهن ڪميٽي جي ضرورت آهي جهڙي ريت مولانا جي حڪمت عملي هوندي اهڙي ئي حڪومت جي هوندي. وفاقي وزير غلام سرور چيو آهي ته مولانا ڪشمير ڪميٽي جو چيئرمين هو ته هڪ لفظ ڪشمير تي نه ڳالهايو، هاڻ جڏهن دنيا ڪشمير تي ڳالهائي رهي آهي ته مولانا ان کي خراب نه ڪري. غلام سرور خان وڌيڪ چيو ته فضل الرحمان سان ڪو مسئلو آهي ته اسان ڳالهين جي لاءِ تيار آهيون. وفاقي وزير غلام سرور خان چيو ته حڪومت فضل الرحمان سان ڳالهين لاءِ تيار آهي فضل الرحمان کي اسلام آباد اچڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي فضل الرحمان جي حڪمت عملي کانپوءِ اسان پنهنجو پلان تيار ڪنداسين فضل الرحمان ڪنٽرول لائين تي ڌرڻو هڻي اسان حمايت ڪنداسين اسان جي ڌرڻي جو مقصد هو فضل الرحمان جو ڪهڙو مقصد آهي جو ڌرڻو هڻي رهيو آهي فصل الرحمان ڪرپشن جي بادشاهن جي سياسي ۽ معاشي روزگار کي تحفظ ڏيڻ لا3 ٻاهر نڪري رهيو آهي.03
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟