ايترا وسيلا ناهن جو هر شعبي جي مدد ڪري سگهون، واپارين کي مطمئن ڪيو ويندو: وفاقي سرڪار

0Shares

اسلام آباد (بيورو) ناڻي واري صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ چيو آهي ته حڪومت وٽ ايترا وسيلا ناهن جو هر شعبي جي مدد ڪري سگهي.اسلام آباد ۾ ايف بي آر چيئرمين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي حفيظ شيخ چيو ته حڪومت جي ڏکين فيصلن سبب معيشت ۾ بهتري اچي رهي آهي.هن چيو ته مالياتي خساري ۾ 35 سيڪڙو گهٽتائي، جڏهن ته روينيو ۾ 16 سيڪڙو اضافوڪيو ويو آهي.حفيظ شيخ چيو ته پاڪستان جي معيشت بابت پرڏيهي سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ٿي ويو آهي ۽ گذريل ٽن مهينن ۾ 340 ملين ڊالر جي سيڙپڪاري آئي آهي.ناڻي واري صلاحڪار چيو ته هلندڙ مالي سال واپاري خسارو 9 ارب ڊالر مان گهٽجي 5 ڏهائي 7 ارب ڊالر ٿي ويو آهي، جڏهن ته پي ايس ڊي پي ۾ گذريل مالي سال جي مقابلي ۾ هلندڙ سال وڌيڪ پئسا جاري ڪيا ويا.هن چيو ته واپارين سان 20 ڀيرا ڳالهيون ٿي چڪيون آهن ۽ اڳتي به جاري رهنديون، واپاري فڪس ٽيڪس تي حڪومت سان متفق آهن، جڏهن ته شناختي ڪارڊ وارو مسئلو وڏو ناهي، جلد کين مطمئن ڪيو ويندو.ان موقعي تي ايف بي آر چيئرمين شبير زيدي چيو ته يو اي اي اختيارين سان اقامي جي غلط استعمال بابت ڳالهيون ٿيون، جنهن ۾ اتفاق ڪيو ويو ته اقامو رکندڙن بابت ڄاڻ پاڪستان سان شيئر ڪئي ويندي. شبر زيدي وڌيڪ چيو ته يو اي اي جا لاڳاپيل عملدار ايندڙ مهيني پاڪستان ايندا، اقامي واري پاليسي ۾ تبديلي بابت ڪا به ڳالهه نه ٿي آهي.03

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں