نيازي حڪومت کي گهر وڃڻو پوندو، عوام آمر ضياءَ ۽ مشرف جو به مقابلو ڪيو: بلاول

0Shares

لاڙڪاڻو(بيورو) چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو چيو آهي ته سليڪٽيڊ حڪومت ڪراچي تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿي، مرسون مرسونسنڌ نه ڏيسون، وفاق کي ڪراچي تي قبضو ڪرڻ نه ڏينداسين، ڪٺ پتلي حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪرڻو آهي، پر عوام ان ۾ منهنجو ساٿ ڏئي. لاڙڪاڻي ۾ بلاول ڀٽو پي ايس 11 تي رٿيل ننڍي چونڊ لاءِ پارٽي اميدوار جميل احمد سومرو جي چونڊ مهم جي سلسلي ۾ شهر جي نظر محلا ۾ عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته پ پ آمر مشرف جو مقابلو ڪيو. هاڻي هڪ سليڪٽيڊ حڪومت عوام جو قتل عام ڪري رهي آهي، جنهن سان مقابلو ڪري رهيا آهيون. بلاول چيو ته هڪ سال کان قومي اسيمبلي ۾ عوام لاءِ وڙهان پيو، هن سليڪٽيڊ حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪرڻو آهي. بلاول عوام کي اپيل ڪندي چيو ته اوهان کي منهنجو ساٿ ڏيڻو پوندو، مونکي هِن سليڪٽيڊ حڪومت کي گهر موڪلڻو آهي. بلاول چيو ته سليڪٽيڊ حڪومت ڪراچي تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿي، هن عوام کان سوال ڪيو ته ڇا اوهان هن سليڪٽيڊ حڪومت کي سنڌ جي راڄڌاني تي قبضو ڪرڻ ڏيندئو؟ بلاول ڀٽو ”مرسون مرسون، سنڌ نه ڏيسون“ جو نعرو لڳائيندي چيو ته وفاق کي ڪراچي تي قبضو ڪرڻ نه ڏينداسين. بلاول چيو ته عوام ضياءَ ۽ مشرف کي گهر پيڙو ڪيو نيازي حڪومت کي وڃڻو پوندو حڪومت 50 لک گهر ٺاهي ڏيڻ جو وعدو ڪيو پر هڪ به گهر ناهي ٺهيو 18 آڪٽوبر تي ڪراچي ۾ جلسو ڪندس ڪٺ پتلي حڪومت ۾ عوام کي رليف نٿو ملي سگهي موجوده حڪومت عوام جي  ووٽ سان اقتدار ۾ ناهي آئي اسان کي آءِ ايم ايف جو بجيٽ قبول ناهي هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ جو وعدو ڪيڏانهن ويو حڪومت غريب عوام جو معاشي قتل ڪيو سلڪٽيڊ ۽ ڪٽ پتلي حڪومت جو مقابلو ڪري رهيو آهيان حڪومت مهانگائي جو سونامي آندو.03

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں