گڏيل اپوزيشن حڪومت کان فوري طور استعيفيٰ ڏئي نيون چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

0Shares

اسلام آباد (بيورو) آزادي مارچ لاءِ اپوزيشن جي حڪمت عميل طئه ڪرڻ لاءِ رهبر ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ حڪومت کان فوري طورتي استعيفيٰ ۽ نيون چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو. اپوزيشن جي 9 سياسي پارٽين جي رهبر ڪميٽي اهم فيصلا ڪري ورتا جڏهن ته چئن نقطن تي پڻ اتفاق ٿي ويو. پهريون نقطو وزيراعظم عمران خان استعيفيٰ ڏئي، ٻيون نقطو حڪومت گهر وڃي، ٽيون نقطو نيون چونڊون ڪرايون وڃن جنهن ۾ فوج جو عمل دخل نه هجي ۽ چوٿون نقطو آئين ۾ موجود اسلامي شقن جو مڪمل دفاع ڪيو وڃي. رهبر ڪميٽي ۾ شامل سمورين اپوزيشن پارٽين مولانا فضل الرحمان جي 27 آڪٽوبر جي آزادي مارچ ۾ پڻ ڀرپور شرڪت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. مسلم ليگ ن ۽ پيپلز پارٽي جي اڳواڻن به آزادي مارچ ۾ شرڪت جي تصديق ڪئي، پيپلز پارٽي جي اڳواڻ نيئر بخاري چيو ته سڀني جون تياريون به ٿي چڪيون، پر هن وقت حڪمت عملي جي تحت سموريون ڳالهيون نه ٿيون ٻڌائي سگهجن. ذريعن موجب اپوزيشن پارٽين اهو پڻ طئه ڪري ورتو آهي ته ڪهڙي پارٽي جو ڪهڙو مرڪزي ليڊر آزادي مارچ ۾ ڪهڙي جاءِ کان شريڪ ٿيندو ۽ ڪٿان ڪٿان کان قافلا شامل ٿيندا، مطالبن جي اعلان جو اختيار مولانا فضل الرحمان کي ڏنو ويو آهي. اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي اڪرم دراني چيو ته عمران خان فوري طور تي استعيفيٰ ڏئي ملڪ ۾ نين چونڊن جو اعلان ڪري هن چيو ته سموريون پارٽيون حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪرڻ تي متفق ٿيون آهن اسان جو آزادي مارچ پرامن هوندو رهبر ڪميٽي ۽ شامل پارٽين آزادي مارچ ۾ ڀرپور شرڪت جو فيصلو ڪيو آهي اجلاس ۾ پ پ طرفان فرحت الله بابر شريڪ ٿيو، ن ليگ جو احسن اقبال ۽ اي اين پي جي ميان افتخار شرڪت ڪئي ان موقعي تي احسن اقبال چيو ته حڪومت خلاف هر احتجاج ۾ شامل ٿيڻ لاءِ تيار آهيون.03

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں