ڀارت ڪشمير تڪرار جي حوالي سان گڏيل قومن جي ٺهرائن جو احترام ڪري: آرمي چيف

0Shares

راولپنڊي (م ڊ) چيني عسڪري قيادت ڪشمير تي پاڪستان جي اصولي موقف جي مڪمل حمايت ڪندي چيو ته موجوده صورتحال ۾ پاڪستان جو عمل امن جي مفاد ۾ آهي جڏهن ته چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته پاڪستان خطي ۾ امن جو خواهشمند آهي عزت ۽ وقار تي ڪابه سوديبازي نه ڪنداسين ڀارت ڪشمير تڪرار جي حوالي سان گڏيل قومن جي ٺهرائن جو احترام ڪري ڀارت ڪشميرين جي انساني حقن جو تحفظ ڪري اڱاري تي آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا پيپلز لبريشن آرمي هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪيو ۽ ڪمانڊر پي ايل اي ۽ وائيس چيئرمين سينٽرل ملٽري ڪميشن سان ملاقات ڪيون جنهن ۾ علائقائي سيڪيورٽِ ۽ والاريل ڪشمير جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويئي آءِ ايس پي ار موجب پاڪ چين دفاعي تعاون به ملاقاتن ۾ غور هيٺ آهي آرمي چيف چيني عسڪري قيادت تي والاريل ڪشمير جي صورتحال کان آگاهه ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب چيني عسڪري قيادت جو ڪشمير تي پاڪستان جي اصولي موقف جي مڪمل حمايت ڪئي  آءِ ايس پي آر موجب افغانستان ۾ امن لاءِ ڪوششن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي ويئي موجوده دفاعي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو.03

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں